طالبان جو ڪابل جي حساس علائقي ۾ بم حملو، 10 ڄڻا مارجي ويا

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان خميس ڏينهن ڪابل ۾ نيٽو جي فوجي مشن جي هيڊ ڪوارٽرز ۽ آمريڪي سفارتخاني ڀرسان هڪ حملو وڏو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا مارجي ويا.

اهو حملو بارود سان ڀريل هڪ ننڍي بس ذريعي ڪيو ويو، جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: افغانستان ۾ طالبان جو چيڪ پوائنٽ تي حملو، 14 ڄڻا مارجي ويا

ڌماڪي ۾ مارجي ويل سڀ عام شهري هئا ۽ ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 گاڏيون به تباهه ٿيون.

طالبان ترجمان ذبيح الله ان آپگهاتي بم حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي.

واضح رهي ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪابل جي گهڻي حساس ۽ محفوظ سمجهئي ويندڙ ان علائقي ۾ طالبان جو ٻيو وڏو حملو آهي.

You might also like