ضمانت ۾29 آڪٽوبر تائين واڌ، سڀ مخالفن جي چوڻ تي ٿئي پيو: اعجاز جکراڻي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اعجاز جکراڻي جي ضمانت ۾واڌ ڪري ڇڏي آهي. صوبائي صلاحڪار چيو آهي ته نيب وارا کيس گهرائين ها ته پيش ٿئي  ها، گهر تي ڇاپو هڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، کيس خبر آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران صوبائي صلاحڪار ۽ نيب عملدار پيش ٿيا. عدالت صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ضمانت ۾ 29 آڪٽوبر تائين واڌڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻيءَ دوران نيب اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته اعجاز جکراڻي تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي، اُن حوالي سان ڪجهه جعلي اڪائونٽس ظاهر ٿيا آهن. عدالت نيب کان ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جاچ جي حوالي سان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز جکراڻي چيو ته نيب گذريل رات سندس گهر تي ڇاپو هڻي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.