صوبائي سرڪار جو ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر نه ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪراچي ( رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ سرڪار جو  ارسا  ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر نه ڪرڻ خلاف  احتجاج، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊڪٽيٽر جي دور ۾ به ائين نه ٿيو، 20 سالن کا زيادتي ٿي رهي آهي، صوبن سان زيادتي ٿيندي ته ڳالهائيندس، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته  آمريتي دور ۾ به ائين ناهي ٿيو، جيئن موجود حڪومت ۾ ڪري رهي آهي. ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت پاس ٿيل ٺهراءُ جي ڪاپي چين ۾  پاڪستاني قونصل خاني کي موڪلي آهي، جيئن وزيراعظم کي ملي سگهي. وڏي وزير چيو ته ارسا طرفان ٿيندڙ پاڻيءَ جي ورڇ تي سنڌ کي سدائين اعتراض رهيو آهي، سال 2000ع ۾ طئه ٿيو هو ته  ارسا ۾  هر صوبي ۾ هڪ هڪ ۽  پنجون وفاقي ميمبر سنڌ مان هوندو، پر  وفاق ان تي عمل نه ڪيو آهي، هلندڙ سال ۾ 11 جولاءِ تي وزيراعظم کي ٻيو  خط لکي 3 نالا تجويز ڪيا، پر وفاق ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر مقرر ڪرڻ بدران انٽرويو ڪري  هڪ ميمبر نامزد ڪيو آهي، جنهن جو تعلق سنڌ سان نه آهي، اها ته آمريت آهي.وڏي وزير چيو ته وفاق طرفان سنڌ سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، پاڻيءَ جي ورڇ به 91ع واري ٺاهه تحت  نه ٿيڻ معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته اپريل 2018 ع۾ سي سي آءِ  اجلاس ۾ اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي مئي 2019 ع ۾ رپورٽ ڏني ان تي عمل ڪيو وڃي، نومبر 2018ع کان هينئر تائين سي سي آءِ جو اجلاس نه ٿيو آهي، جيڪو هر ٽئي مهيني ٿيڻو آهي، سي سي آءِ جو اجلاس نه گهرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي،  مراد علي شاهه چيو ته  وزيرا عظم کي ڪيترائي ڀيرا لکي چڪو آهيان پر جواب ئي نه ٿو ڏنو وڃي، حقيقت ۾ سمورن صوبن سان زيادتي ٿي رهي آهي، پر ٻيا صوبا خاموش آهن، انهن مون کي آواز اٿارڻ لاءِ چيو آهي،  اسان خاموش نه ويهنداسين. هن چيو ته وڏي وزير چيو  ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي حوالي سان اسيمبلي مان جيڪو ٺهراءُ پاس ٿيو، اُن جي ڪاپي چين ۾ به وزيراعظم ڏانهن موڪلي وئي آهي. نواز ليگ جي حڪومت به سي پيڪ رٿائن کي صحيح نموني هلايو، گذريل هڪ سال کان ڪم رُڪجي ويو آهي، هن چيو ته خبر ئي نه آهي ته وزيراعظم سان ڪير گڏ ويو آهي ڪير نه ويو آهي، خبر پئي ته خزاني کاتي جو ايڊوائيزر وزيراعظم سان گڏ نه ويو آهي، وڏي وزير چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۾ آصف علي زرداري آندو، چين جو صدر ڪهڙي سبب جي ڪري 6 کان 8مهينا دير سان آيو، اهو ٻڌايو وڃي، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻُو آهي، ٻڌو آهي  ته چين ۾ وزيراعظم ڪوئلي جي رٿائن تي به ڳالهائيندو پر اسان کي اعتماد ۾ ئي ناهي ورتو ويو جيڪا زيادتي آهي  وزيراعظم کي درخواست آهي ته سنڌ سان ناانصافي بند ڪئي وڃي ۽ ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر کنيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.