صلاح الدين جي وارثن جو پوسٽ مارٽم رپورٽ مڃڻ کان انڪار

 

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) پوليس حراست ۾ مري ويندڙ صلاح الدين جي وارثن پوسٽ مارٽم رپورٽ کي مڃڻ کان انڪار ڪندي قبر ڪشائي ۽ ٻيهر پوسٽ مارٽم لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

صلاح الدين جي پيءُ محمد افضال جڊيشل مئجسٽريٽ رحيم يار خان جي عدالت ۾ ڏنل درخواست ۾ حڪومت، شيخ زيد اسپتال جي ايم ايس ۽ پوليس کي ڌر بڻايو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: صلاح الدين ڪيس، پنجاب حڪومت عدالتي جاچ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته کين ٻڌائڻ بنا صلاح الدين جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، جيتوڻيڪ صلاح الدين جي ٻانهن تي ان جو نالو ۽ فون نمبر لکيل هو، پوسٽ مارٽم جي ڪاپي به کين فراهم نه ڪئي وئي هئي.

درخواست موجب پوليس اختيارين زباني خاطري ڪرائي هئي ته صلاح الدين جي جسم تي تشدد جا نشان ناهن، پنهنجي ڳوٺ گورالي وڃي مڙهه کي غسل ڏيندي ڏٺو ته صلاح الدين جي نازڪ عضون ۽ جسم جي ٻين حصن تي تشدد جا واضح نشان موجود هئا، جن جون تصويرون به انهن وٽ موجود آهن.

صلاح الدين جي پيءُ عدالت کي اپيل ڪئي ته قبر ڪشائي ڪرائي صوبائي ميڊيڪل بورڊ کي ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.