صحافت جي آزادي جي مخالفت ڪندڙن کي سزا ڏيڻ گهرجي: برطانوي رپورٽ

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي اداري چيو آهي ته صحافت جي آزادي جي مخالفت ڪندڙن کي شرم ڏيارڻ گهرجي ۽ کين عالمي رابطن ذريعي سزا ڏيندي انهن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ گهرجن.

برطانوي حڪومت جو اثر رکندڙ  پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي رپورٽ ۾ صحافين کي جسماني، اليڪٽرانڪ يا مالي ڌمڪين جو حوالو ڏيندي پرڏيهي آفيس مان 10 مرڪزي نڪتا طئي ڪري صحافين جي مدد ڪرڻ جو چيو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ميڊيا ورڪرن جا مسئلا حل ڪرڻ پهتي آهيان: فردوس عاشق اعواڻ

پرڏيهي ۽ ڪامن ويلٿ آفيس (ايف سي او) سان صحافين جي استحصال تي حڪومت جيڪڏهن جاچ ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي ته ان لاءِ عالمي ميڪانزم جي حمايت ڪرڻ جو چيو ويو، ميڊيا تي سوال اٿاريندڙن جي عوامي سطح تي تذليل ڪرڻ ۽ انهن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ، ايف سي او جي گهرو کاتي سان گڏجي ڌمڪين کي منهن ڏيندڙ صحافين ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي ويزا جاري ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ وغيره جو چيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جو مثال پيش ڪيو ويو، جن ۾ پاڪستان به شامل آهي، جنهن جي باري ۾ چيو ويو ته هتي صحافت جي آزادي جو مستقبل اونداهو آهي.

ڪميٽي چيئرمين ايم پي ٽوپ توگنڌات جو چوڻ هو ته برطانيا کي صحافي سان خراب رويي خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهن کي لڳي ٿو ته اسان جي حڪومت انساني حقن کان مٿي واپار کي ترجيح ڏئي رهي آهي، اسان کي واضح ڪرڻو پوندو ته جيڪا ميڊيا جي آزادي جي مخالفت ڪن ٿا، انهن کي سزا ڏيڻ گهرجي.

جتي ڪميٽي جي ميمبرن، 13 ايم پيز گهرو کاتي جي صحافت جي آزادي جي مسئلن تي اٿاريل آواز جو اعتراف ڪيو، اتي ئي دستاويزن ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته ان مسئلي تي ڪم گهڻو سستي جو شڪار آهي ۽ ايندڙ قدمن بابت ڪا خاص ڄاڻ ناهي.

You might also like