صبا قمر جي سرمد کوسٽ کي مبارڪ

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا صبا قمر سرمد سلطان کوسٽ کي هن جي نئين فلم “زندگي تماشا” بوزان انٽرنيشل فلم فيسٽيول ۾ اسڪريننگ لاءِ چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي.

سوشل ميڊيا تي سرمد سلطان کوسٽ جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صبا قمر چيو ته “هوءَ سرمد کي  دوست کان وڌيڪ فيملي جيان سمجهندي آهي، هن پنهنجي پيغام ۾ سرمد کي مخاطب ڪندي لکيو ته مون کي فخر آهي ته اوهان پيسو ڪمائڻ لاءِ فلم ناهيون ٺاهيندا پر شوبز انڊسٽري ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ فلم ٺاهيندا آهيو، ۽ اوهان پنهنجون فلمون دل سان ٺاهيندا آهيو الله اوهان کي اهي سموريون ڪاميابيون ڏئي جنهن جا اوهان حقدار آهيو”.

بوزان انٽرنيشل فلم فيسٽيول هر سال ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوزان ۾ منعقد ٿيندو آهي جتي اسڪريننگ لاءِ  سڄي دنيا جا ڊائريڪٽرز ۽ پروڊيوسرز پنهنجون فلمون جمع ڪرائيندا آهن . انهن مان رڳو ڪجهه فلمون ئي اسڪريننگ لاءِ چونڊيون وينديون آهن. ان لحاظ کان اها عالمي سطح تي پاڪستاني فلم انڊسٽري جي وڏي ڪاميابي آهي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: پاڪستاني فلم “ڊارلنگ وينس فلم فيسٽيول“  ايوارڊ کٽڻ ۾ ڪامياب

You might also like