شهرين کي صاف پاڻي نه ملڻ ڪري بيماريون پکڙجن پيون: سماجي اڳواڻ

عوامي آواز رپورٽ
شهرين کي صاف پاڻي نه ملڻ ڪري بيماريون پکڙجن پيون: سماجي اڳواڻ
عوامي آواز رپورٽ شهرين کي صاف پاڻي نه ملڻ ڪري بيماريون پکڙجن پيون: سماجي اڳواڻ

 

خيرپور جي سماجي اڳواڻن چيو ته شهرين کي صاف پاڻي نه ملڻ ڪري بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي.

سماجي تنظيم جي اڳواڻ ظهير انصاري ۽ ٻين چيو ته چوماسي جي برساتن بعد گندگي سبب شهر جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته شهر کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي۽ گندي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي سٿرائي جي ذميواري ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميه آهي.

سندن چوڻ هو ته اڪثر علائقن ۾ اڃا به پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب شهري گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن.

اڳواڻن چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي شهرين کي پئڻ لاءِ صاف پاڻي ڏنو وڃي

You might also like