شفقت نغمي پي سي بي جي چيف اسٽريٽيجڪ آفيسر جو عهدو ڇڏي ڏنو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيف اسٽريٽيجڪ آفيسر شفقت نغمي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ جي ڪجهه مهينن کانپوءِ ئي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

شفقت نغمي سينيئر بيورو ڪريٽ هو ۽ کيس سرڪاري کاتن سان رابطي لاءِ رکيو ويو هو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده انتظاميا سان ڪجهه معاملن تي اختلافن سبب هنن ذميواريون ڇڏيون آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پي سي بي ڊوميسٽڪ ٽيمن جي چونڊ لاءِ پئنل جو اعلان ڪري ڇڏيو

پي سي بي ترجمان تصديق ڪئي ته شفقت نغمي گذريل مهيني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي پر ترجمان سبب ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته شفقت نغمي ۽ پي سي بي گڏيل طور ان نتيجي تي پهتا ته هو بورڊ کان ڌار ٿي وڃي.

ذريعن موجب احسان ماني چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ شفقت نغمي کي ملازمت تي رکيو هو پر کانئس ڪم نه پئي ورتو ويو.

You might also like