عمرڪوٽ: تاريخي سڃاڻپ رکندڙ آکاڙي مندر تي شرپسندن جو حملو، ڀڃ ڊاهه

عوامي آواز رپورٽ
عمرڪوٽ: تاريخي سڃاڻپ رکندڙ آکاڙي مندر تي شرپسندن جو حملو، ڀڃ ڊاهه
عوامي آواز رپورٽ عمرڪوٽ: تاريخي سڃاڻپ رکندڙ آکاڙي مندر تي شرپسندن جو حملو، ڀڃ ڊاهه

 

عمرڪوٽ ۾ ڪجهه شرپسند تاريخي حيثيت رکندڙ آکاڙي مندر تي حملو ڪري مک گيٽ ۽ مورتيون ٽوڙي فرار ٿي ويا.

عمرڪوٽ شهر جي وچ ۾ سينٽر ۾ تاريخي سڃاڻپ رکندڙ آکاڙي مندر تي رات جي اونداهي ۾ نامعلوم شرپسندن حملو ڪري ڀڄ ڊاهه بعد ڀڄي ويا.

مندر جي شيواڌاري نندگر سوامي ۽ ٻين چيو آهي ته ڪجهه ڌريون مندر جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ مورتين جي بي حرمتي ڪري رهيون آهن.

هندو برادري جي ماڻهن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اهڙي حرڪت ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي……………..شرپسند

گمبٽ ويجهو درگاھ پير مھر شاھ جيلاني ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ قاري ساجد سعيد، پير بچل شاهه جيلاني ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حضرت امام حسين عه ظالم يزيد آڏو آڻ مڃي سندس خراب حڪمراني کي مڃڻ بدران اسلام جي ڏنل تعليم تي عمل ڪندي سندس خلاف ويڙهه ڪئي.

هنن چيو ته ڪربلا جي شهيدن جو پيغام امن ۽ انسانيت لاءِ آهي، جنهن تي عمل ڪندي هر دور جي يزيد خلاف ويڙهه ڪرڻ گهرجي.

تقريب ۾ ڪربلا جي شهيدن کي درود ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

You might also like