شاهه محمود قريشي جو ڪشمير مسئلي تي ملائيشين هم منصب سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملائشين هم منصب کي فون ڪري ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملائيشن هم منصب سيف الدين عبدالله سان فون تي رابطو ڪيو ۽ هن کي والاريل ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: شاهه محمود قريشي جو روسي هم منصب سان رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون

شاهه محمود قريشي چيو ته لکين معصوم مسلمان مسلم دنيا طرف ڏسي رهيا آهن ، عالمي رپورٽون هڪ نئين انساني الميي جي نشاندهي ڪري رهيون آهن، ڀارت جي هڪ طرفي قدم سان سڄي خطي جي امن کي سخت خطرا آهن، ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٻارڙن، پوڙهن ۽ عورتن کي بربريت جو نشانو بڻائي رهيو آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ چئن هفتن کان لاڳو ڪرفيو سبب زندگي مفلوج بڻيل آهي.

You might also like