شاهد خاقان عباسي قوم کان معافي گھري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيب چيئرمين جي مقرري تي قوم کان معافي گھري ورتي.

ايل اين جي ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته مون تي الزام لڳايو ويو  ته آئون ناڻي واري وزارت جي گاڏي استعمال ڪندو آهيان.

هن چيو ته ملڪ جو وزيراعظم هيس، ٻڌائي ڇڏين ها ته آفيس پهچڻ لاءِ ٽانگو يا آن لائين ٽيڪسي ڪرايان ها.

شاهد خاقان عباسي چيو ته هڪ سال کان نيب جاچ ڪري رهيو آهي، 55 ڏينهن کان ريمانڊ به هلي رهي آهي پر اڃا تائين ڪيس سمجهه ۾ ناهي آيو.

سندس چوڻ هو ته نيب جو ادارو ئي غلط آهي، اهو ن ليگ کي ٽوڙڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب چيئرمين جي مقرري تي قوم کان معافي گھران ٿو، نيب چيئرمين جو نالو پيپلز پارٽي طرفان آيو هيو، اتفاق راءِ سان مقرريءَ جو فيصلو ڪيو.

هن چيو ته اهو هڪ اهڙو ادارو آهي پهريان اڳوڻي وزيراعظم کي گرفتار ڪندا آهن، ان کان پوءِ ڪيس ٺاهيندا آهن.

هي به ڏسي سگھو ٿا: ڪشميري ڀائرن کي محسوس ڪرائڻ چاهيون ٿا ته هو جدوجهد ۾ اڪيلا نه آهن: پرڏيهي وزير

ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته آئون جيڪڏهن ڪا به ڪرپش ڪئي آهي ته ٻڌايو ڪهڙي ڪرپش ڪئي آهي، جاچ آفيسر چوندو آهي ته ڪابينا جو فيصلو غلط هو، اهو فيصلو ٿيڻ گھرجي ها ته ملڪ ڪابينا کي هلائڻو آهي يا نيب کي.

واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار آهي ۽ نيب هن کان جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like