شاهد آفريدي جو ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ايل او سي وڃڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي مظلوم ڪشميرين سان ڪيجهتي جي اظهار لاءِ لائين آف ڪنٽرول وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ شاهد آفريدي آفريدي والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي ظلم سبب متاثر عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جلد ايل او سي وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

شاهد آفريدي پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ لکيو ته وزيراعظم جي آور لاءِ جمعي جي ڏينهن 12 وڳي قائد اعظم جي مزار تي ويندس، ڪراچي وارا به مون کي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جوائن ڪن.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته 6 سيپٽمبر تي آئون هڪ شهيد جي گھر به ويندس.

واضح رهي ته  گذريل ڏينهن عالمي شهرت رکندڙ باڪسر عامر خان به ڪشمرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ايل او سي جو دورو ڪري مقامي ماڻهن سان ملاقات ڪئي هئي  عامر خان چناري ۽ چڪوٺي بازار کان گذرندي ماڻهن کي هٿ لوڏائي سلام ڪندو رهيو هو  ان موقعي تي هن چيو هو ته ڪشميرين جو آواز بڻجڻ لاءِ لائين آف ڪنٽرول جو دورو ڪري رهيو آهيان

، گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙين، ڪشمير جي نسل ڪشي خلاف آواز بڻجندس

You might also like