سگريٽ جي صنعت ۽ ماحول دشمني

ماريا اسماعيل

سگريٽ جي صنعت ۽ دنيا ۾ سگريٽ ڇڪڻ سان پيدا ٿيندڙ بيمارين سبب هرسال 60  لک کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويندا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ به سگريٽ ڇڪڻ ڪري ماڻهو ڪيترين ئي  بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا ۽ روزانو جي بنياد تي اسپتال ۾ داخل ٿيندا آهن . سگريٽ ڇڪڻ جي نقصانن کان عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم ايس سي پي اي آر سي موجب اڄ ڪالهه سگريٽ ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ آرام سان ملي وڃن ٿا جنهن ڪري روزاني جي بنياد تي لکن جي انگ ۾ 18 سال کان گهٽ عمر نوجوان  ان کي استعمال ڪندا رهن ٿا.

ڪراچي يونيورسٽي جي نفسيات جي شعبي  جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر فرح اقبال جو چوڻ آهي ته سندس جو والد تمام گهڻي سموڪنگ ڪندو هو، جنهن ڪري منهنجي ننڍڙي ڀيڻ جو مرتيو منهنجي والد جي سموڪنگ ڪري ٿيو، منهنجي ننڍڙي ڀيڻ ان سان تمام گهڻو پيار ڪندي هُئي ۽اڪثر ان سان گڏ هوندي هُئي جڏهن ته هو چين سموڪر هيو ۽ ان جي سمونگ جو دونهون ويجهو هجڻ ڪري منهنجي ڀيڻ ان دونهين سبب بيمار ٿي پئي.

اسان ان جا سمورا ٽيسٽ ڪرايا جيڪي ڏسڻ بعد ڊڪاٽر چيو ته، “ اوهان جي ڀيڻ جو موت سگريٽ ڇڪڻ ڪري ٿيو آهي، ڇا؟ اوهان جي ڀيڻ سگريٽ ڇڪيندي هئي”،

اسان ڊاڪٽر جي اهڙي ڳالهه رد ڪندي انڪار ڪيو ته هُن ڪڏهن به سگريٽ نه ڇڪيو هو، اسان جي اهڙي ڳالهه تي ڊاڪٽر تمام گهڻو حيران ٿيو، پر ڊاڪٽر جو اهو چوڻ هو ته اوهان جي ڀيٽ جا ڦڦڙ سگريٽ جي دونهين ڪري سخت متاثر ٿيا آهن جيڪو سندس موت جو ڪارڻ آهي.

اسان جي ڀين جيئن ته اسان کان ننڍي هُئي تنهنڪري هوءَ بابا جي تمام گهڻو ويهو هُئي اهو ئي سبب آهي جو هو بابا جي سگريٽ ڇڪڻ جي عادت کان متاثر ٿي. هن ٻڌايو ته علاج کان پوءِ منهنجي ڀيڻ صحت مند ٿي وئي بخار ختم ٿي ويو پر ننڍي عمر ۾ وڏو عرصو بيمار رهڻ ڪري ان جي قوت مدافعت ڪمزور ٿي وئي کيس ڪينسر ٿي ئي ۽ هوءَ ننڍي عمر ۾ ئي فوت ٿي وئي.

هن چيو ته هو بيماري سان وڙهي نه سگهي. ڊاڪٽر فرح اقبال چيو ته مونکي پنهنجي ڀيڻ جي موت جو سبب ٻڌائڻ جو مقصد فقط اهو هو ته جيڪي ماڻهو پنهنجن ٻارڙن،گهرن ۾ يا وري مختلف جڳهن تي سگريٽ ڇڪين ٿا اهي ته متاثر ٿيندا ئي آهن پر انهن سان گڏوگڏ اهي سمورا ماڻهو متاثر ٿيندا آهن جيڪي انهن جي ڀرپاسي ۾ هوندا آهن.

ڊبليو ايچ او جي رپورٽ موجب سگريٽ ڇڪڻ ڪرڻ جي ڪري هر سال 6 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا .ان رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ جا هيراڪ آهن عادي آهن. پاڪستان ۾ سگريٽ سازيءَ جي صعنت وڌيڪ هجڻ اهو ثابت ڪري ٿي  ته پاڪستان ۾ سگريٽ ڇڪڻ جو رجهان تمام گهڻو آهي.

ملڪ جي طبي ذريعن موجب ملڪ ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي عادت ۾ انتهائي واڌ سبب ڦڦڙڻ ۽ وات جو ڪينسر انتهائي تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي.

 پاڪستان ۾ وات جي ڪينسر جا سگريٽ ڇڪڻ کانسواءَ ٻيا به ڪيئي سبب آهن جن ۾ نسوار، گٽڪو ۽ پان اهم آهن. پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک ماڻهو رڳو ان ڪري موت جو شڪار ٿيندآهن ته هو سگريٽ ڇڪڻ جي عادت ۾ مبتلا هجن ٿا۔

ھي به ڏسي سگھو ٿا: اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ڪڏهن پوري ٿيندي!

پاڪستان ۾ هر سال 5هزار پاڪستاني سگريٽ نوشيءَ ڪري اسپتال ۾ داخل ٿين ٿا ۽ علاج جي مختلف مرحلن مان گذرن ٿا. ڊاڪٽر فرح اقبال جو چوڻ آهي ته سڀني کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾  سگريٽ ڇڪڻ جي عادت ۾ ڇهن ۽ ستن سالن جا ٻار به مبتلا آهن جيڪي پنهنجي گهر ۾ والد، مائٽن ۽ نوڪرن کي استعمال ڪندي ڏسندا آهن ۽ انهن کان متاثر ٿيڻ بعد سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪندا آهن .

ڊاڪٽر فرح اقبال موجب اوهان پنهنجي ٻارڙن جي سولائي سان سڃاڻپ ڪري سگهيو ٿا ته هو سگريٽ ڇڪيندو آهي يا نه، ان لاءِ جيڪڏهن اوهان پنهنجي ٻارن جي سرگرمين جو ڪجهه مشاهدو ڪندا ته اوهان کي معلوم ٿي ويندو، ڇو جو سگريٽ ڇڪڻ وارن ٻارن جون ڪجهه نشانيون هن ريت آهن.

*لاڳيتو منهن ۾ چيونگم رکي ڇڏيندو ته جيئن منهن مان ڌپ نه اچي.

*هو پنهنجي کپڙن ۾ پرفيوم وڌيڪ استعمال ڪندو .

*کاڌو جي وقت بهانو ڪري ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندو .

*ٻارڙن جي ڪپڙن کي غور سان ڏسندا ته اهي ڪٿان ڪٿان سڙيل پڻ هوندا.

*سگريٽ جي ڪري ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جي منهن ۽ آڱرين جو رنگ بدلي ويندو.

* ڏند ڦڪا ٿي ويندا.

جيڪڏهن اوهان جي ٻارن مان مٿي ذڪر ڪيل نشانين مان ڪي به نشانيون هجن ته اوهان کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ جاچ ڪرڻ گهرجي ته هو ڪٿي سگريٽ ڇڪڻ ته نه لڳو آهي. جيڪڏهن اوهان فوري طور تي ائين نه ڪيو ته پوءِ هو ذهني ۽ جسماني طور تي بيمار ٿي ويندو. ياداشت ڪمزور ٿي ويندس، لڳاتار ٻه سال سگريٽ ڇڪڻ ڪري سندس برين ممبرين به متاتر ٿي ويندي.

هو عام زندگيءَ ۾ جڊباتي طور تي غير متوازن ٿي ويندو. دماغ جي واڌ ويجهه رڪجي ويندس. آءِ ڪيو ليول گهٽ ٿي ويندس، تعليم ۾ دل نه لگندس، سندس جسم ۽ دماغ نڪوٽين جو عادي ٿي ويندس ۽ هو ڳالهه ڳالهه تي وڙهڻ شروع ڪندو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ايشيا ۾ سگريٽ جو وڌيڪ استعمال ان ڪري آهي جو انهن ملڪن ۾ سگريٽ جون صعنتون وڌيڪ آهن. پاڪستان ۾ ان جي ته خاص مارڪيٽ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته سگريٽ جي قميت ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ سڀني کان گهٽ پاڪستان ۾ آهي.

سگريٽ جي صعنت جي حوالي سان معلومات ملڻ بعد اوهان کي حيرت ٿيندي ته سگريٽ جي صعنت جو سڌو سنئون تعلق ٻيلن سان آهي. هڪ طرف حڪومت ٻيلا لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي وري سگريٽ سازي جي صعنت کي هٿي ڏئي پنهنجي وڻڪاريءَ واري مهم کي ناڪام بڻائي رهي آهي، ڇو جو وڻ جا ڇوڏا ۽ پڻ سگريٽ سازيءَ ۽ ان سان گڏ ماچس سازيءَ جي صنعت لاءِ استعمال ٿيندا آهن. خاص ڪري ماچيس وغيره لاءِ وڻن جي ڪاٺ جو استعمال ٿئي ٿو.

ايس پي اي آر ڪي جي تيار ڪيل رپورٽ موجب هر سال 3 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ سگريٽ ۽ ان سان لاڳاپيل صنعت ۾ استعمال ٿين ٿا، ڇو جو وڻن جي ڪاٺ ۽ ڇوڏن مان ماچيس جون تيليون ٺاهيون وينديون آهن، جڏهن ته 25 لک ٽن جي مقدار ۾ ڪاٺ کي سگريٽ جي تماڪ کي روسٽنگ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙي نموني وڻن جي ڪٽائي ٿيندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ماحولياتي آلودگي پيدا ٿئي ٿي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته معدني ٻارڻ (فوسل فيول)کان پوءِ ماحولياتي گدلاڻ جو ٻيو وڏو سبب ٻيلن جي واڌي آهي.5 سيڪڙو گرين بائيو گيسن جي گدلاڻ جي ذميوار سگريٽ سازيءَ جي صنعت آهي جنهن لاءِ مختلف مرحلن تي ٻيلن جي واڍي ڪئي ويندي آهي.

صرف پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ جي عادت ۾ مبتلا آهن. هڪ ماڻهو سال ۾ تقريبا 4،500 سگريٽ ڪندو آهي ان جو مطلب اهو آهي ته 90 ارب ماچيس جون تيليون استعمال ٿينديون هونديون. سگريٽ ڇڪڻ کان پوءِ اڇلائڻ واري ڪچرو عام نه آهي پر زهر ۾ شمار ٿيندڙ فضلو آهي جيڪو زمين ۽ آبي وسيلن جي گدلاڻ جو سبب بڻبو آهي. جنهن سبب پکين سوڌو ٻيا جانون متاثر ٿي وڃن ٿا.

هڪ اندازي موجب سگريٽ سازيءَ جي صنعت هر سال 20 لک ڻن ٺوس زهريلو ۽ گدلو گندگار پيدا ڪندا آهن. 3 لک ٽن اهڙو ڪچرو پيدا ٿئي ٿو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر استعمال نٿو ٿي سگھي.جڏهن ته 2 لک ٽن ڪيميائي گندگي پڻ پيدا ٿئي ٿي.

سگريٽ جو مواد زهريلي ڪيميڪل مان ٺاهيو ويندو آهي .

*نيل پالش ريموو ڪندڙ ڪيميڪل ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل پڻ سگريٽ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

*صفائي لاءِ  استعمال ٿيندڙ مختلف ڪيميائي مرڪب پڻ استعمال ٿيندا آهن.

*جيت مار دوائون ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل آرسينيڪ استعمال ٿيندو آهي.

*مرده جسم کي محفوظ رکندڙ فارمل ڊي هائيٽ پڻ استعمال ٿيندو آهي.

*بيٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ انتهائي خطرناڪ ڌاتو ڪيڊميم پڻ استعمال ٿيندو آهي.

*سائنائيڊ استعمال ٿيندي آهي، اهڙي نموني ڪيترن ئي قسمن جا خطرناڪ ڪيميڪل سگريٽ ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن.

 ان ڪيميڪلز جو گڏيل طور تي 70سيڪڙو سگريٽ ڇڪڻ دوران سگريٽ استعمال ڪندڙ جي ڦڦرن ۾ شامل ٿي ويندو آهي ۽ ڦڦرن کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح سگريٽ پئيڻ دوران پيدا ٿيندڙ ڪاربن مونو آڪسائيڊ ساهه کڻڻ جي عمل ذريعي ڦڦڙن ۾ پهچي ويندي آهي جنهن بعد ساهه کڻڻ جي عمل ۾ مشڪل پيش ٿيندي رهندي آهي. سگريٽ ڇڪيندڙ ماڻهن جي رت ۾ انهيءَ گيس جو ڪافي مقدار موجود رهندو آهي.

سگريٽ ڇڪڻ کي روڪڻ جي لاءِ بي شمار قانون موجود آهن پري انهن تي عمل نه پيو ٿئي، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ سگريٽ ڇڪڻ جو واهپو وڌندو پيو وڃي. هاڻي ته صورتحال ان حد تائين ڳڻتيءَ جوڳي ٿي وئي آهي جو پاڪستان ۾ ٻارڙن جو هڪ وڏن انگ پڻ سگهريٽ ڇڪڻ جو عادي ٿيندو پيو وڃي،

پاڪستان ۾ ٻارڙن کي سگريٽ ڇڪڻ واري عمل کان پري رکڻ لاءِ پاڪستان ۾ 2002ع ۾ هڪ قانون پڻ منظور ڪيو ويو هو پري ان متعلق عوام کي ڪا مناسب آگاهي نه ڏني وئي ۽ نه ئي وري حڪومت ان کا لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪو سنجيده قدم کنيو. سگريٽ ڇڪڻ جي قانون موجب سگريٽ ڇڪڻ، تماڪ مان ٺهيل ڪنهن به نشو ڏياريند شيءَ جي مسهوري ڪرڻ پرنٽ، اليڪٽرڪ ميڊيا ، يا بل بورڊ سميت ڪنهن به جڳهه تي نٿي ٿي ڪري سگهي. جڏهن ته تماڪ مان ٺهيل شين کي تحفي ۾ ڏيڻ ۾ ڏيڻ، خريد ڪرڻ، ڪيش جي واپسي ۽ مارڪيٽ ريٽ سان کان گهٽ قميت ۾ وڪرو ڪرڻ تي به پابندي آهي.

ايس آراو 1068۽ 46 جي موجب صوبائي حڪومتن ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد پنهنجي علائقن ۾ سگريٽ نوشي کي روڪڻ جي قانون تي عمل ڪرڻ جا ذميوار آهي. قانون موجب خلاف ورزي تي اي ايس آءِ يا وري ان کان مٿان اهل ڪارقانوني ڪارروائي ڪري سگهن ٿا.

حڪومت سگريٽ ڇڪڻ کي روڪڻ جي حوالي سان جيڪي قانون متعارف ڪرايا آهن انهن موجب،

*شروعاتي طور تي سگريٽ جي ڊٻي جي 85سيڪڙو حصي تي سگريٽ ڇڪڻ جي منفق اثرن جي حوالي سان تصويري چتاءُ شايع ڪرڻ پڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. مگر بعد ۾ سگريٽ ٺاهڻ واري ڪمپني فلپ مورس انٽرنيشنل جي نمائندن 2017ع ۾ ان وقت وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ هي فيصلو ٿيو ته 85 سيڪڙو بجاءِ تصويري چتاءُ 10 سيڪڙو تائين محددو هوندو.

*عوامي جڳهن تي سگريٽ ڇڪڻ لاءِ جيڪا الگ جگهه ٺاهي وئي آهي اها غير قانوني آهي .

* سگريٽ ڇڪڻ قانون جي سيڪشن 6 جي تحت پبلڪ ٽرانسپورٽ مثال طور تي بس ،ٽرين ۽ ويگن ۾ منع هوندو.

*سيڪشن 7 موجب سگريٽ جي حوالي سان ڪهڙي به قسم جي اشتهار بازي ممنوع آهي .

*سيڪشن 8 موجب 18 سال کان گهٽ عمر جي ٻارڙن کي سگريٽ يا تمباڪو وڪرو ڪرڻ منع آهي.

*سيڪشن 8 تحت کليل سگريٽ وڪرو ڪرڻ منع آهي .

*هڪ اهم سيڪشن 9 جي موجب ڪنهن به اسڪول، ڪاليج ۽ تعليمي ادارن جي 50 ميٽر جي دائري ۾ سگريٽ وڪرو يا فراهم ڪرڻ ممنوع آهي .

پاڪستان کي سگريٽ ڇڪڻ سان ٿيندڙ بيمارين جي علاج لاءِ ساليانو 140ارب رپيا خرچ ڪرڻ پوندا آهن. ٻارڙن کي سگريٽ نوشي کان پچائڻ لاءِ ماءُ ۽ پي ءُ کي پنهنجون اکيون کليل رکڻ کپن.

*اوهان جو ٻار جنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ پڙهي رهيو آهي ان جي دڪان تي سگريٽ موجود آهن ته اوهان ڪنهن ويجهي ٿاڻي تي اطلاع ڪيو.

*عوامي جڳهن تي جيڪڏهن سگريٽ ڇڪي رهيو آهي ته اوهان ان کي نرمي سان منع ڪريو .

*کليل سگريٽ وڪرو ڪرڻ قانوني ڏوهه آهي، ڇو ته کليل سگريٽ وڌيڪ ٻار ئي خريد ڪندا آهن، ڇو جو ان وٽ پورو پاڪيٽ وٺڻ جا پئسا نه هوندا آهن.

پاڪستان ۾ سگريٽ ڇڪندڙ ماڻهن جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ان کي روڪڻ لاءِ سماج جي سمورن طبقن کي گڏجي ڪري ڪم ڪرڻ پوندو. جڏهن ته صوبائي ۽ مڪاني سرڪار پاران هڪ فعال ڪردار اداڪرڻو پوندو . سگريٽ ڇڪڻ جي رحجان ۾ محض سرڪار جي ڪوششن سان ئي گهٽائي نه ايندي ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪري هڪ جامع جامع حڪمت عملي جي جوڙني پوندي، جنهن ۾ سول سوسائٽي ۽ ميڊيا اهم رول اداڪري سگهي ٿي .

You might also like