سکر: سول اسپتال ۾ فوت ٿيل قيدي جي وارث طرفان پوليس مٿان قتل ڪرڻ جو الزام

عوامي آواز رپورٽ
سکر: سول اسپتال ۾ فوت ٿيل قيدي جي وارث طرفان پوليس مٿان قتل ڪرڻ جو الزام
عوامي آواز رپورٽ سکر: سول اسپتال ۾ فوت ٿيل قيدي جي وارث طرفان پوليس مٿان قتل ڪرڻ جو الزام

 

سکر جي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويل قيدي جي وارث طرفان پوليس مٿان قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.

سکر جي سنٽر جيل ۾ قتل جي الزام ۾ قيد جان محمد برھماڻي سول اسپتال ۾ داخل هو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

مقتول جي ڀيڻ خيران برهماڻي دانهندي ٻڌايو ته جان محمد کي پوليس تشدد ڪري زهر ڏنو هو.

هن چيو ته احمد، عاشق ۽ بهرام برهماڻيءَ، جيلر سان ملي ڪري سندس ڀاءُ جان محمد کي قتل ڪرايو آهي.

مقتول جي ڀيڻ چيو ته جوابدار سندن زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين، جنهن ڪري سندس ڀائرن کي قتل ڪرايو آهي.

خيران برهماڻي مطالبو ڪيو ته سندس ڀاءُ تي وحشياڻي تشدد جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.