سکر: اينٽي ڪرپشن ٽيم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ريجنل آفيس تي ڇاپو

عوامي آواز رپورٽ
سکر: اينٽي ڪرپشن ٽيم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ريجنل آفيس تي ڇاپو
عوامي آواز رپورٽ سکر: اينٽي ڪرپشن ٽيم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ريجنل آفيس تي ڇاپو

 

سکر ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ريجنل آفيس تي ڇاپو ھڻي رڪارڊ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر مقصود احمد سومرو جوڊيشل مجئسٽريٽ جي اڳواڻي  ۾ آفيس تي ڇاپو ھڻي ملازمن کان پڇاڳاڇا بعد 2016 کان 2019 جو رڪارڊ ھٿ ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر جو چوڻ هو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن تي گھڻ ماڙ عمارتن جي تعميرات جي اجازت ڏيڻ ۽ سرڪاري زمينن تي غير قانوني سوسائيٽين جي رشوت عيوض اجازت ڏيڻ جا الزام آھن

سندس چوڻ هو ته ڇاپي وقت سمورو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ ورتو، جڏهن ته ڇنڊ ڇاڻ بعد بدعنواني ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت قدم کنيا ويندا

You might also like