سڄي دنيا ڀارتي ڏاڍ ۽ طاقت جي ظالماڻي استعمال خلاف هڪ زبان آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سڄي دنيا ڀارتي ڏاڍ ۽ طاقت جي ظالماڻي استعام خلاف هڪ زبان آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنيوا ۾ والاريل ڪشمير جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي 50 کان وڌيڪ ملڪن جي گڏيل پڌرائي ڀارت لاءِ آئينو آهي جنهن ۾ هو انسانيت خلاف پنهنجا ڏوهه ڏسي سگھي ٿو. عالمي برادري جو ڪشمير جي مظلومن سان گڏ بيهڻ ۽ ڀارت کان بنيادي انساني حقن جي پاسداري جو مطالبو مظلومن لاءِ حوصلي جو سبب آهي. آمريڪا ٽي ٽي پي سربراهه سوڌو 13 ڄڻن کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

هن چيو ته اها پڌرائي وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ عالمي ضمير جاڳائڻ جي اسان جي لاڳيتو سفارتي ڪوششن جي ڪاميابي ۽ ڪشمير ڪاز سان بختي واسطي جو ثبوت آهي. پوري دنيا ڀارتي ڏاڍ ۽ طاقت جي ظالماڻي استعمال خلاف هڪ زبان آهي جڏهن ته ڀارتي غرور ۽ تڪبر خاڪ ۾ ملي رهيو آهي.

You might also like