سوني جو نئون فليگ شپ فون ايڪسپيريا 5

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) سوني پنهنجو نئون فليگ شپ فون ايڪسپيريا 5 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ ڀيرو وري ڪامپيڪٽ ڊيوائيسز جي ميدان ۾ واپسي ڪئي آهي.

جرمني ۾ جاري آءِ  ايف اي ٽيڪنالوجي نمائش دوران ان فون کي متعارف ڪرايو ويو.

6.1 انچ او ايل اي ڊي ڊسپلي واري ان فون ۾ 560×10802 ريزولوشن ڏنو ويو آهي جيڪو ايڇ ڊي آر کي سپورٽ ڪندو آهي.

ڪمپني موجب اهو فون ڊولبي ايٽموس کي سپورٽ ڪندو آهي جڏهن ته ايڪسپيريا 1 جيان ان ۾ 21.:9 اسڪرين ايسيپٽ ريشو ڏنو ويو آهي جڏهن ته ويڪر رڳو 68 ملي ميٽر اٿس.

ان جي پٺيان 3 ڪيمرائن جو سيٽ ڏنو ويو آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 12 ميگا پڪسل سينسر ۽ ايف 1.6 آپرچر سان ليس آهي جڏهن ته ٽيلي اسڪوپ لينس ۽ وائيڊ اينگل لينس به ڏنا ويا آهن.

سوني موجب فون ۾ اها آٽو فوڪس ٽيڪنالوجي ڏني وئي اهي جيڪا ان جي الفا ڪيمراز ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿي.

ان فون ۾ ڪوالڪوم سنيپ ڊراگون ايس او سي پراسيسر ڏنو ويو آهي، پر ان جي ريم جي حوالي سان ڪمپني ڪو به اعلان ناهي ڪيو.

ان ۾ هڪ اهم فيچر سمارٽ ڪنيڪٽوٽي به موجود آهي جيڪو واءِ فاءِ سگنلز جو تجزيو ڪري ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمزوري جي اڳڪتي ڪندي آٽوميٽڪ طور تي ايل ٽي اي تي منتقل ٿي ويندو آهي ته جئين انٽرنيٽ اسپيڊ گھٽ نه ٿئي.

ان فون جي اگھه جو به في الحال اعلان ناهي ڪيو ويو پر ان کي ايندڙ هفتي يورپ ۾ پري آرڊر ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي.

You might also like