سنڌ ۾ وڌندڙ وارداتون ۽ وڏي وزير جو فيصلو

مقبول ملاح

صوفين جي ڌرتي سنڌ سدائين پر امن ڌرتي رهي آهي، پر ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌ جڏهن آمر ضياءَ جي آمريت خلاف جدوجهد جي ميدان ۾ آئي ته ضياءَ سنڌ جي سياسي شعور کي ڏسي سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي متعارف ڪرايو ته جيئن هو سنڌ جي سياسي شعور کي مات ڏئي سگهي پر اها ان جي وس جي ڳالهه نه هئي، پر سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ملي، ڌاڙيل ايترا ته سگهارا ٿي ويا جو ڏينهن ڏٺي جو هنن ماڻهن کي اغوا ڪرڻ شروع ڪيو ۽ وچ ڳوٺن مان اغوا ڪيل ماڻهن کي ڏينهن ڏٺي جو کڻي ويندا هئا پر پوليس بيوس بڻيل هوندي هئي. ماڻهن سج لهڻ کان اڳ ئي پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويندا هئا.  هر گهر ۾ هٿيار بند ٿي مورچا ٺاهي سڄي رات ماڻهو جاڳي گذاريندا هئا ۽ ڪيتري به ايمرجسي هجي ماڻهن رات جو سفر ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ايتري تائين جو شادين جون تقريبون به سادگي سان ٿينديون هيون.

ڌاڙيل زميندارن کي چٺيون لکي موڪليندا هئا، جنهن ۾ خاص ڪري انهن جو مطالبو هوندو هو ته کين پيسن سان گڏ راڊو گهڙيون وٺي موڪلين، ٻي صورت ۾ هو سندن “مهمان” هوندا. مهمان مطلب کين اغوا ڪيو ويندو. صورتحال ايتري حد تائين خراب ٿي وئي جو کير وارو به محفوظ نه هيو. ان صورتحال کي ڏسندي حڪومت ڌاڙيلن ۽ پاٿاريدارن خلاف آپريشن شروع ڪيو ۽ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي، ماڻهن سک جو ساهه کنيو.

پر هڪ دفعو وري سنڌ ۾ ڏوهه وڌيا، جيڪي ڳوٺن کان ٿيندا شهرن تائين پهتا، شهرن ۾ اغوا جون وارداتون شروع ٿيون، خاص ڪري سڄي سنڌ جي شهرن ۾  ڦرن جي واقعن ۾ اضافو ٿيو، جنهن دوران مزاحمت ڪندڙن کي قتل ڪرڻ جا واقعا به پيش ايندا رهيا، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ هاف فرائي ۽ فل فرائي جي نالي تي پوليس ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪيو، جيڪو حيدرآباد کان ويندي، ڪراچي ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر تائين پهتو، جيتوڻيڪ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙن پوليس جي ان عمل جي مخالفت ڪئي سندن موقف هيو ته ڏوهاري کي گرفتار ڪري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، پر ڪنهن حد تائين ان عمل کي ساراهيو به هيو، ۽ نيٺ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي. پر مڪمل امن امان قائم نه ٿي سگهيو.

تازو اردو گانو ڪوڪورينا کي منفرد انداز ۾ ڳائي مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جو لوڪ فنڪار جگر جلال کي اغوا ڪيو ويو، جگر جلال لاڙڪاڻي کان شڪارپور شادي جي تقريب ۾ ڳائڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته کيس رستي مان اغوا ڪيو ويو،  جگر سان گڏ سندس ڀاءُ ۽ شاگرد به موجود هئا، پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو هو ته جگر جلال پاڻ سان گڏ ڇوڪريون ڊانسر نه وٺي ويو جنهن ڪري کين اغوا ڪيو ويو آهي پر بعد ۾ جگر ان جي ترديد ڪري ڇڏي.  جگر جلال جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ڊي ايس پي رائو شفيع الله شهيد ٿي ويو، شهيد ڊي ايس پي ڪجهه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي اهو اعلان ڪيو هو ته هو ڏوهارين کي گرفتار ڪندو، سندس شهيد ٿيڻ کانپوءِ آپريشن بند ڪيو ويو.

اهو پهريون دفعو هيو ته اغوا ٿيندڙ مغوي جي ڳالهه ٻولهه سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن ۾ هن چيو ته پوليس ته ڇا پر رينجرس به اتي نه ٿي پهچي سگهي جتي  ڌاڙيلن کين رکيو آهي، تنهن ڪري نه صرف پوليس جيڪي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، اهي ماڻهو به آزاد ڪري ۽ علائقي جي سردارن سان ڳالهيون ڪري ئي کين آزاد ڪرائي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ کين نقصان پهچايو ويندو.

عجيب ڳالهه ته اها هئي ته نه صرف هو پنهنجن وارثن سان فون تي رابطي ۾ هيا، پر مختلف ميڊيا طرفان پڻ جگر جلال سان فون ذريعي انٽرويو ورتا ويا، پر پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار اتي پهچي نه سگهيا، نه ئي کين ٽيليفون ذريعي ٽريس ڪري سگهيا. بلڪه جگر جلال معرفت ڌاڙيلن جي ڏنل صلاح تي عمل ڪندي پوليس ڳالهين ذريعي ئي جگر جلال کي بازياب ڪرايو.

سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ڏني پئي  وڃي، اغُوا جون وارداتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن بند ڪري سردارن سان ڳالهين ذريعي مغوين جي بازيابي ڪرائڻ ان جو ثبوت آهي. ڌاڙيلن وٽ جديد کان جديد هٿيار پهچي چڪا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ايس ايڇ او بختر بند گاڏي ذريعي آپريشن ڪندي ڌاڙيلن جي ويجهو پهتا ته ڌاڙيلن جديد هٿيارن جو رخ بختر بند گاڏي ڏانهن ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ بختر بند گاڏي اندر ويٺل ايس ايڇ او ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي ڏسندي سنڌ جي وڏي وزير اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن، پاٿاريدارن ۽ سهولتڪارن خلاف خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  جنهن جي اسان آجيان ڪيون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ گذريل ڏينهن اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس رپورٽن جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير چيو  صوبي ۾ ٻيهر ڌاڙيل راڄ جي ايمرجسي برداشت نه ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته آپريشن سڄي سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڪيو ويندو.  وڏي وزير جو اهو عمل ساراهه جوڳو آهي، ڇاڪاڻ ته هي وقت جي ضرورت به آهي، جيڪڏهن هن وقت اهو آپريشن نه ٿيو ته هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويندي ۽ امن امان تباهه ٿي ويندو. سنڌ جي وڏي وزير کي التجا آهي ته اهو فيصلو صرف اجلاس تائين محدود نه رهي بلڪه ان تي عمل ڪيو وڃي.

You might also like