سنڌ ۾ مهانگائي نه هلندي… صوبائي وزير واضح ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

پرائسز ڪنٽرول ۽ زراعت واري وزير اسماعيل راهو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪمشنر ۽ پرائسز مئجسٽريٽ اگهه وڌائي مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪن.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت تندور وارن کان ويندي کير وڪرو ڪندڙ تائين ڪنهن کي به اگهن ۾ اضافو نه ڪرڻ ڏيندي، ڪمشنر ۽ پرائسز مئجسٽريٽ روزاني بنياد تي اگهه وڌائيندڙ خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪن.

هن چيو ته مهانگائي جي ذميوار وفاق سرڪار آهي پر سنڌ حڪومت منافي خورن کي ڪنهن به صورت ۾ اگهه وڌائڻ نه ڏيندي، سڄي سنڌ جا پرائسز مئجسٽريٽ بارزن، دڪانن ۽ ريڙهين تي وڪامجندڙ شين جا اگهه چڪاسين.

اسماعيل راهو موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ واپاري، ٽرانسپورٽر، ڊيري فارمز کان ويندي تندور واري تائين ۽ عوام پڻ مهانگائي خلاف سراپا احتجاج آهي، سنڌ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ ڪندڙن خلاف سخت قانون ٺاهينداسن، مهانگائي ۽ ذخيرو ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.