سنڌ حڪومت، صوبائي پبلڪ سيفٽي اينڊ پوليس ڪمپلينٽس ڪميشن قائم ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت، کي نئي پوليس ايڪٽ 2019ع هيٺ صوبائي پبلڪ سيفٽي اينڊ پوليس ڪمپلينٽس ڪميشن قائم ڪرڻي هئي. اڄ سنڌ حڪومت، جي گهروکاتي پاران اهڙي ڪميشن قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڪميشن جو چيئرپرسن صوبائي گهروکاتي جو وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ شرجيل انعام ميمن، امداد علي پتافي ، شميم ممتاز، شهناز بيگم، محمد علي عزيز، حسنين علي مرزا ، ڪرامت علي، نظام حاجي، روبينا بروهي، جهمٽ مل ايڊووڪيٽ ۽ قربان علي ملاڻو شامل آهن.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: بنگلاديش ٺهي ويو، جيڪڏهن ظلم برقرار رهيو ته سنڌوديش به ٺهي ويندو: بلاول

You might also like