سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر جي مزار قائد تي حاضري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتح خواني ڪئي.

تفصيل موجب پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي 71 هين ورسي سڄي ملڪ ۾ نهايت عقيد ۽ احترام سان ملهائي وئي، قائد اعظم جي وفات جي ڏهاڙي تي سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري.

هي به پڙهي سگهو ٿا:سيد مراد علي شاهه خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور…..!

قائد اعظم جي مزار تي حاضري کان پوءِ سنڌ جي گورنر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو مثال دنيا ۾ ڪٿي نٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺو رهندو.

عمران اسماعيل چيو ته ڪراچي جي بهتري جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، 18هين ترميم کي چيلينج ڪرڻ جو ارادو ناهي.

سنڌ جي گورنر چيو ته ڪراچي جي مسئلن تي قائم ڪميٽي 10 کان 12 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي، ڪميٽي جي رپورٽ وزير اعظم کي پيش ٿيندي ته مسئلن ۾ گهٽتائي ايندي.

ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان قائد اعظم جي مدبراڻي صلاحيتن جو ثمر آهي، پاڪستان کي پرامن بڻائڻ جي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سڄي قوم ڪشمير سان گڏ آهي ۽ هميشه رهندي.

 


ياد رهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي بابت نظرثاني درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي کيس نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا هئا.
عدالت عظميٰ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل 3 رڪني بينچ مراد علي شاهه جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي هئي.

You might also like