سنڌ اسيمبلي ۾خورشيد شاهه جي گرفتاري خلاف ٺهراءُ پاس، نيب پي ٽي آءِ خلاف ڇو ڪارروائي نه ٿي ڪري: پ پ

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي مان نيب هٿان پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي گرفتاري خلاف ٺهراءُ منظور، ڊاڪٽر نمرتا واقعي تي سرڪار پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري، مخالف ڌر پاران ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي، احتجاج، سرڪاري ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۾ منهن ماري، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس  ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو،  پ پ ايم پي اي ماروي فصيح راشدي پ پ اڳواڻ  ايم اين اي خورشيد شاهه  جي گرفتاري خلاف سنڌ اسيمبلي  ۾ ٺهراءُ پيش  ڪيو ته پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي، ان تي کيس اسپيڪر کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته ايوان جو ماحول خراب نه ڪر، وڃي ٽيوشن وٺ، ان بعد پ پ ميمبر مارروي راشدي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار غيرقانوني طريقا اختيار ڪري رهي آهي، هي ايوان وفاقي حڪومت جي اهڙن عملن جي مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته  وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي ڪري،  لياقت جتوئي، بابر اعواڻ، خسرو بختيار ۽ ٻين تي به ڪيس آهن پر انهن کي گرفتار نه ٿوڪيو وڃي.  نيب جهانگير ترين خلاف ڇو نه ٿي ڪارروائي ڪري. ڇا پي ٽي آءِ ۾ ويندڙ سڀ واشنگ مشين مان ڌوپجي آيا آهن. پ پ ايم پي اي امداد پتافي ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته خورشيد شاهه جي ته مخالف به تعريف ڪندا آهن، خورشيد شاهه تي الزام هڻندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته  عمران خان ٻيو يحيٰ خان آهي، مودي جو يار ۽ غدار آهي. ڊاڪٽر سهراب سرڪي چيو ته خورشيد شاه سياست ۾ نه هو تڏهن به ٺيڪيداري جو ڪم ڪندو هو، خورشيد شاه جا سمورا اثاثا ڊڪليئر ٿيل آهن، صوبائي وزير عذره پيچوهو ٺهراءَ جي حمايت  ۽ خورشيد شاهه جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته هر سياستدان ڪرپٽ نه آهي. ان بعد ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ان دوران پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان سيٽ تي ويهي وچ ۾ ڳالهايو ته مڪيش ڪمار کيس روڪيو، ان دوران ٻنهي وچ ۾ منهن ماري ٿي، تيمور ٽالپر به وچ ۾ آيو. هن چيو ته خرم شير زمان ڪجهه سنجيده ٿيو. هو ته اسپيڪر کي به ڊڪٽيٽ پيو ڪري. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ڪير به کيس ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي، هي 7 سالن کان ڪوشش ڪري پيو، پر ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي، اسپيڪر آغا سراج دراني خرم شير زمان کي ڪاوڙ مان چيو ته ماٺ ڪري ويهي رهه. خرم شير زمان ۽ ٻيا پي ٽي آءِ ميمبر ايوان مان ٻاهر هليا ويا. ان بعد پي ٽي آءِ ميمبر رياض حيدر ٻيهر ايوان ۾ اچي ايم ڪيو ايم ميمبرن سان مخاطب ٿيو ته اسپيڪر کيس روڪيندي چيو ته توهان کي پنهنجي سيٽن تي سک نه ٿو اچي.متحده ميمبر پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ بدران ويٺا رهيا. هوڏانهن  سنڌ ۾ زمينن تي قبضا ڪندڙن جا نالا نه ٻڌائڻ تان گوڙ، سرڪاري ۽ مخالف ڌر ميمبرن پاران قبضا گيرن جا نالا کڻڻ تي زور، صوبائي وزير محبوب الزمان واضع ڪيو ته پ پ ڪنهن جا پٽڪا نه لاهيندي، قبضآ خالي ڪرايا آهن، لکت ۾ نالا ڏنا ويندا، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ رليف ۽ روينيو کاتي بابت سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته  سرڪاري زمينن تان قبضا ڊي سي جي رپورٽ بعد انيٽي انڪروچمينٽ فورس ذريعي ختم ڪرايا وڃن ٿا، ڪيس داخل ڪري سزائون به ڏياريون وڃن ٿيون، لاڙڪاڻي ۾ 5 هزار 536 ايڪڙ ۽ سکر ۾ 33 هزار 160 ايڪڙ زمين تان قبضا ڇڏيا ويا، جي ڊي اي ميمبر نصرت سحر عباسي قبضا خورن جا نالا کڻڻ لاءِ زور ڀريو ته صوبائي وزير جواب ڏيندي چيو ته قبضا ڪندڙ ڏوهاري مافيا هئي،نالا گهرجن ته ڏئي ڇڏيندس،  ان دوران پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر اٿي بيهي سوال ڪيو ته قبضا ڪندڙ ڪير ماڻهو آهن، انهن جا نالا ٻڌڻ گهرون ٿا.  مخالف ڌر جي ميمبرن احتجاج ڪيو، ان دوران پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته مخالف ڌر جو ڪهڙو اعتراض آهي، ڪو ميمبر سوال به نه ڪري ڇا؟ ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري مخالف ڌر ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پنهنجي دل وڏي رکو، ننڍي دل نه ڪيو، روينيو واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جواب ڏيندي چيو ته پ پ جي روايت نه رهي آهي ڪنهن جا پٽڪا لاهڻ جي، مان ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ نه ٿو چاهيان پر مخالف ڌر سان واسطو رکندڙ ميمبر به قبضن ۾ ملوث آهن، ان تي مخالف ڌر جي ميمبرن ٻيهر احتجاج ڪيو،  ان دوران مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي ڳالهائيندي چيو ته ايوان جي تقدس جو سوال آهي ان ڪري نالا کنيا وڃن. وزير صاحب انهن جا نالا کڻي نه ته کيس مڃڻو پوندو ته هو پاڻ به چورن جو ساٿي آهي،  ان تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا پيپلزپارٽي ڪنهن جو به پٽڪو لاهڻ نه ٿي چاهي، جن کان قبضو ڇڏايو ويو آهي انهن جا نالا لکت ۾ ڏنا ويندا.جواب ڏيندي چيو ته پ پ ميمبر امداد پتافي سوال ڪيو ته وفاقي حڪومت چورن کي ايمسنٽي ڏئي ٿي ڇا سنڌ حڪومت به ايمنسٽي ڏيندي،03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.