سنڌ اسيمبلي پي ايم ڊي سي ختم ڪرڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو، گونگن جي حقن بابت ٺهراءُ پاس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو تاريخي قدم ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن لاءِ سنڌ صوبائي موٽر گاڏيون ترميمي بل 2019ع پاس ڪري ورتو، پي ايم ڊي سي جي خاتمي خلاف ۽ بابا گرونانڪ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جا ٺهرا منظور، خبر موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيو، اسپيڪر جي منظوري سان سموري ڪارروائي معطل ڪري گونگن ۽ ٻوڙن کي گاڏيون هلائڻ جي اجازت بابت  سنڌ صوبائي موٽر گاڏيون ترميمي بل 2019ع جي رپورٽ اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين گوهر اسراڻ پيش ڪيو، بل ۾ مخالف ڌر اڳواڻ پاران پيش ڪيل 3 مان 2 ترميمون منظور ۽ هڪ رد ڪئي وئي، منظور ڪيل ترميمن  ۾ ڊرائيونگ ٽيسٽ نه وٺڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس جي فيس نه وٺڻ شامل آهي، بل تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي، شبير قريشي، شهزاد قريشي، ڊاڪٽر سيما ضيا ۽ خرم شير زمان چيو ته کين فخر آهي ته هو هن بل جو حصو ٿيا آهن پر سنڌ اسيمبلي قانون پاس ڪرڻ ۾ ملڪ ۾ پهرين نمبر تي آهي ۽ عملدرآمد ۾ زيرو آهي، هنن تجويز ڏني ته بل پاس ڪري ان جا رول 45 ڏينهن جي اندر ٿيڻ گهرجن، اسپتالن لائسنس برانچ، بئنڪن سميت هر شعبي ۾ خاص ماڻهن لاءِ الڳ ڪائونٽر ٺهڻ گهرجن، نوڪرين جي ڪوٽا 5 سيڪڙو کان وڌائي 7 سيڪڙو ڪئي وڃي. پ پ ميمبرن عذرا پيچوهو، شهلا رضا، هير سوهو ۽ شبير بجاراڻي چيو ته بل پاس ٿيڻ سان گونگا ۽ ٻوڙا ماڻهو عام ماڻهن جي مدد کانسواءِ پاڻ گاڏيون هلائي سگهن ٿا، سنڌ اسيمبلي تاريخ رقم ڪئي آهي، جيڪڏهن خاص ماڻهن جا ٻيا به اِشو ايوان ۾ آندا وڃن ته اهي به گڏجي حل ڪري وٺنداسين، ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف، منگلا شرما چيو ته خاص ماڻهن جي نوڪرين جي ڪوٽا سميت ٻيا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن، ان بعد بل يڪرا منظور ڪيو ويو. آخر ۾ ٻوڙن ۽ گوگن جي تنظيم جو پيغام پڙهي ٻڌايو  ويو، جنهن ۾ انهن اسيمبلي جا ٿورا مڃيا، ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ اسيمبلي جي روايت تي ٻيا صوبا قدم  وڌائيندا، جڏهن ته پ پ ايم پي اي ماروي فصيح وفاقي حڪومت پاران پي ايم ڊي سي کي ختم ڪري پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جوڙڻ واري عمل خلاف ٺهراءُ پيش ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جوڙي وڃي، ايوان ۾ ڳالهائيندي ماروي فصيح چيو ته وفاقي حڪومت آرڊيننس فيڪٽري ٺاهي ان مان تڪڙا آرڊيننس جاري ڪري رهي آهي، جيڪو غلط عمل آهي، هن چيو ته پي ايم ڊي سي ختم ڪري صوبائي خودمختياري کي لتاڙيو ويو آهي، جنهن جي هو مذمت ڪري ٿي. هن چيو ته پي ايم ڊي سي جي خاتمي سان انٽري ٽيسٽ پاس ڪندڙ شاگردن جو هاڻي ڇا ٿيندو.مخالف ڌر اڳواڻ فروس شميم نقوي ۽ عمران علي شاهه ٺهراءُ جي مخالف ڪندي چيو ته پي ايم ڊي سي ۾ مسئلا هئا، پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل ذريعي ريفارم آڻينداسين، اسان ملڪي نظام ۾ تبديلي چاهيون ٿا، هنن چيو ته پرڏيهه کان ايندڙ ڊاڪٽرن کي رلايو پيو ويو، هاڻ ايئن نه ٿيندو. صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ٺهراءُ جي حمايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن پي ايم ڊي سي ۾ خرابيون هيون ته ان کي ختم ڪرڻ بدران بهتر ڪيو وڃي ها، هن چيو ته ڊڪٽيٽر آرڊيننس جاري ڪندا آهن، بل اڃان پاس نه ٿيو آهي اهو آرڊيننس ئي آهي، اميد آهي ته سينيٽ ۾ رد ٿي ويندو. هن چيو ته پاڪستان ڊينٽل ڪائونسل جوڙڻ لاءِ صوبن سان مشورو نه ڪيو ويو ۽  نه وري سنڌ کي نمائندگي ڏني وئي آهي، هن چيو ته پي ايم ڊي سي جي خاتمي سان ڊاڪٽري پاس ڪندڙ ۽ ڪاليجن مان انٽري ٽيسٽ پاس ڪندڙ ڊاڪٽر پريشان آهن، حڪمران اهڙين يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي کولڻ جي اجازت ڏين پيا جيڪي ملڪ تي داغ آهن انهن وٽ پنهنجون اسپتالون به نه آهن. ان بعد ٺهراءُ اڪثريتي راءَ سان منظور ڪيو ويو. ايوان مان هڪ ٻيو ٺهراءُ پاس ڪري بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ٺهراءُ پيش ڪندي جي ڊي اي جي ميمبر نند ڪمار گوگلاڻي چيو ته بابا گرونانڪ پورهيو، عبادت ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ جو درس ڏنو. ان بعد ٺهراءُ تي پ پ جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو ۽ سردار شاهه ڳالهائيندي چيو ته ڪرتارپور راهداري کولي آهي اهڙي طرح ڀارت کي به اجمير شريف ۽ ٻين عبادتن گاهن لاءِ پاڪستانين کي سهولت ڏيڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي ميمبرن فردوس شميم نقوي، ديوان سچل نند ۽ ايم ڪيو ايم جي منگلا شرما ٺهراءُ جي حمايت ڪندي چيو ته جيئن پاڪستان اقليت کي حق ڏنا آهن ائين ڀارت کي به حق ڏيڻ گهرجن. ان بعد ٺهراءُ يڪرا منظور ڪيو ويو.0630

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.