سنڌڙي اهڙا ڏينهن به ڏسندي!

ورثا پيرزادو

اسان جي سنڌ ۾ مسلمان ۽ هندو گڏجي رهندا آهن. ڪڏهن به اهڙو ڪو واقعو سامهون ناهي آيو جنهن ۾ ڪنهن مذهب جي تذليل ڪئي وئي هجي. هولي هجي يا عيدالفطر سڀ گڏجي ملهائيندا آهيون. هولي تي رنگن سان کيڏڻ کان وٺي عيد تي سيون پچائڻ تائين سڀ روايتون گڏجي ملهائيندا آهيون. پر اوچتو منهنجي سنڌ ۾ انسانيت کان ڪريل واقعو سامهون آيو آهي ان جي ڪير اميد به نه پيو ڪري سگهي ته ڪنهن استاد تي هڪ 15 ورهين جو شاگرد ”گستاخ رسول صه“ جو الزام هڻندو .ان واقعي اسان کي شرمنده ڪري چڏيو آهو.

ان واقعي کان پوءِ مسلم ۽ هندو برادري ۾ فساد ٿيو ۽ سموري انسانيت کي تڪليف پهتي. اها هڪ سازش به ٿي سگهي ٿي ماڻهن جو ڌيان اهم مسئلن تان هٽائڻ جي ڪوشش به لڳي ٿي. پر ڪارڻ ڪو به هجي اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته اسان جو مذهب اسان کي پيار ۽ محبت جو سبق ڏئي ٿو  جهيڙي جهٽي جو نه .

ان ڪري اسان کي به گهرجي ته فرقاواريت ۽ مذهبي جهيڙن کان پاسو ڪري دنيا ۾ امن قائم ڪيون. اسان کي دنيا جي امن پسند قوم ثابت ٿيڻو آهي ڇو جو اسان وٽ سدائين مذهبي معاملن ۾ امن رهيو آهي ۽ تاريخ به گواهه آهي ته سنڌي سدائين پنهنجي حق جو آواز اٿارڻ لاءِ سامهون آيا آهن ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿاريو آهي. انهن جو مقصد ڪڏهن به جنونيت ۾ اچي فساد ڪرڻ ناهي رهيو.

هڪ پوسٽ جي تبصري ۾ هن 15 ورهين جي مسلمان ٻار چيو آهي ته هن ڪاوڙ ۾ اها وڊيو ٺاهي جنهن ۾ هو پنهنجي هندو استاد تي الزام هڻي رهيو آهي. اها وڊيو جلد وائرل ٿي وئي جنهن کان پوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن  اسڪول جي ڀڃ ڊاهه ڪئي.

افسوس آهي جو  ڪنهن اهو نه سوچيو ته الزام مڙهڻ وارو 15 ورهين جو ٻار آهي جيڪو بالغ به ناهي.هن ٻڌايو ته کيس اها ڄاڻ نه هئي ته وڊيو ايترو جلدي وائرل ٿي ويندي ۽ سندس استاد جي زندگي خطري ۾ پئي سگهي ٿي.هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته وڊيو کي وڌيڪ شيئر نه ڪيو وڃي اها هڪ غلطي هئي.

پر اسان جي ملڪ ۾ نفسا نفسي ايتري ته وڌي وئي آهي جو ڪير ٻيهر خبر ٻڌڻ به پسند نه ٿو ڪري ۽ ڳالهه جي تصديق ڪرڻ کان سواءِ  ان کي اڳتي فارورڊ يا وڌائي ڇڏي ٿو. جيئن هندو استاد نوتن لال توهين رسالت ڪئي به آهي ته ھڪ فرد تي لڳل الزام جي سزا سموري طبقي کي ڏيڻ ۽ ڪاروبارن تي حملا ڪري مال غنميت سمجھي لٽڻ ۽ مندرن تي حملا ڪري چوريون ڪرڻ ڪٿان جو ديني جذبو آھي؟

اهو رڳو نابالغ ٻار جي لڳايل الزام هيٺ ذاتي دشمني ڪڍڻ نظر اچي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.