سنت نيڻورام جو آشرم مذهبي رواداري جو مثال بڻيل

غازي بجير

اسلام ڪوٽ ۾ سنت نيڻورام جو آشرم غريبن ۽ مسڪين ماڻهن جو سهارو بڻيل آهي، آشرم ۾ هندو توڙي مسلم جي بنا ذات پات جي خدمت ڪئي وڃي ٿي، روزاني هڪ هزار ماڻهن کي کاڌو کارايو وڃي ٿو، آشرم جا انتظام سنڀاليندڙ هندو برادري جا ماڻهو انسانذات سان گڏ پکين سان به محبت ڪن ٿا، هو روزاني 500 کان 600 ڪلو جي حساب سان داڻو پکين کي ڏنو وڃي ٿو، جنهن سبب پکين جا ڪيترائي قسم آشرم اندر موجود هجن ٿا، جن ۾ ڪبوتر، ڪانءُ، مور، توڙي ٻيا هزارين جي تعداد ۾ پکي شامل آهن، چوپائي مال لاءِ پاڻي سميت چارو به مفت ڏنو وڃي ٿو، شهر ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ بعد اڪثر غريب گهراڻن جون عورتون پيئڻ جو پاڻي به اتان ڀرينديون آهن، آشرم ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ هڪ کوهه کانسواءِ ڪافي نلڪا به لڳل آهن، ٽانڪا هروقت پاڻي سان ڀريل هجن ٿا، کاڌي جي لاءِ ماڻهن، عورتن ۽ ٻارڙن جا هجوم لڳل هجن ٿا، آکاڙي جا 24 ڪلاڪ دروازا کليل هجن ٿا، هتي سڀني هندو توڙي مسلم ذات لاءِ هڪجهڙائي محبت ملي ٿي، ڀڳت نيڻورام جو ساليانو ڇائيتاليهون ميلو پڻ هلندڙ آهي، نيڻورام جو ميلو ملڪ ۾ هندن جي حوالي سان وڏي ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ مارڪيٽون به قائم ڪيون وينديون آهن، پوري سنڌ جي مختلف شهرن مان ماڻهو اچي مارڪيٽون قائم ڪندا آهن، ميلي ۾ سنڌ جا مشهور ڀڳت شرڪت ڪري مسلسل ٽي ڏينهن ۽ راتيون ڀڄن ڳائيندا آهن، ميلي جي حوالي سان آکاڙِي کي مڪمل سينگاريو ويندو آهي، چئني طرفن کان مختلف قسمن جون رنگ برنگي لائيٽون لڳايون وينديون آهن، ميلي دوران هندو برادري جو ڪاروبار مڪمل ڏينهن ۽ رات بند رهندو، سمورا هندو نوجوان ڊيوٽيون ڏيندا. ميلي ۾ ملاکڙو به لڳندو، جڏهن ته سنت نيڻورام آشرم بي سهارن لاءِ ڀرجهلو بڻيل آهي، ميلي ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ سميت انڊيا کان به ياتري پهچندا آهن، سنت نيڻورام جي ميلي جي موقعي تي اسلام ڪوٽ شهر ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپ به لڳل آهي، جتي علاج ڪيو وڃي ٿو.

سنت نيڻورام جي ورسي جي موقعي تي ٿر جي ڏڪار متاثرن جي سهولت لاءِ وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن، اسلام ڪوٽ ۾ سنت نيڻورام آشرم غريب ڏڪار متاثرن جو ڀرجھلو بڻيل آهي، ڏڪاري حالتن دوران وڏي تعداد ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ ٿري ماروئڙا پنهنجي مال کي ڪاهي پهرين آشرم ۾ پهچن ٿا، جتي مال لاءِ مفت ۾ پاڻي جي سهولت لاءِ بندوبست ڪيل آهيي، ان کان علاوه لڏپلاڻ ڪري ويندڙ ماروئڙن لاءِ کاڌي پيتي جو به بندوبست ڪيل آهي ۽ ان کان علاوه شهر ۾ مزدوري ڪندڙ مزدور به روزاني کاڌو آشرم ۾ کائين ٿا.

سنت نيڻو رام آشرم جي ميلي دوران هر ويلي تي ٽي کان چار لک روپيا کاڌي تي خرچ اچي ٿو ۽ ٽن ڏينهن تائين ايندڙ ياترين کي کاڌو کارايو ويندو آهي، جڏهن ته ميلي جي ويلي جو ٽڪ جھلڻ لاءِ هندو برادري جا اڳواڻ ٻه کان ٽي سال اڳ ويلو بڪ ڪرائيندا آهن، جنهن کي ٽي چار سالن بعد وارو ملندو آهي، آشرم جي سارسنڀال ڪندڙن جو چوڻ آهي ته روزاني سوين مسڪين ماڻهن کي کاڌو کارايو ويندو آهي، پکين کي داڻو به ڏيندا آهيون، اسان وٽ ڪوبه ذات پات جو فرق ناهي، جيڪو اچي ٿو ان کي کاڌو ڏيون ٿا. سنت نيڻورام اسان لاءِ وڏي هستي آهي، اسين غريب ماڻهن جي خدمت کي عبادت سمجهون ٿا.

مسلسل ڏڪارن ڪري سڄي ٿر ۾ پکي اڻلڀ ٿي ويا پر آشرم اندر هر قسم جا پکي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پکين کانسواءِ جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ الڳ هود ٺاهيا ويا آهن، جتي شهر سميت بئراج ڏانهن ويندڙ چوپايو مال پاڻي پيئندو آهي، ڏڪاري حالتن دوران جانورن کي چارو به مفت ۾ ڏنو وڃي ٿو، هر سال لڏپلاڻ ڪندڙ خاندان کاڌو آشرم مان کائي بئراج ويندا آهن، آشرم اندر انسانن جي پاڻي پيئڻ لاءِ به الڳ واٽر ڪولر لڳل آهن.

هتي توهان کي هڪ حيرانگي جي ڳالهه ٻڌايان ته 1944ع ۾ سنت نيڻورام پنهنجي هٿن سان باهه جي مچ واري ڌوڻي ٻاري هئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين 70 ورهين گذرڻ جي باوجود ٻرندي رهي ٿي، جنهن کي ڀڳت نيڻورام جي وڇڙي وڃڻ باوجود پويان پوڄارين وسامڻ ناهي ڏنو. انهيءَ کي ڌوڻي صاحب سڏيو ويندو هو ۽ چيو وڃي ٿو ته ڀڳت نيڻورام 1944ع ۾ انهي ڌوڻي واري هنڌ مچ ٻاري ويهندو هو، جنهن بعد 1973ع ۾ ڀڳت جي وڃڻ بعد اڄ تائين اها ڌوڻي ٻريندي رهي ٿي. پوءِ ڀلي برسات هجي يا طوفان پر انهيءَ کي وسامڻ ناهي ڏنو ويو. هي هڪ عجيب ڪرشمو آهي، جيڪو ڏسڻ وٽان آهي.

سنت نيڻورام جو هڪ آشرم ڀارت جي شهر احمد آباد ۾ به موجود آهي، جتي پٽ هر سال ٻن ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي، اتي به نيڻورام جا پوڄاري لکن جي تعداد ۾ موجود آهن، آشرم جي سارسنڀار لهندڙ شيواداري چيو ته اسين اسلام ڪوٽ آشرم ۾ بنا ڪنهن مذهبي متڀيد جي انسانيت جي خدمت ڪيون ٿا. ڌوڻي صاحب 1944ع کان ڀڳت جي دکايل آهي، جيڪا اڄ به وسامڻ ناهي ڏني. هن وقت اهڙا اشرم هر هنڌ جوڙڻ جي ضرورت آهي، جتي بنا ڪنهن مذهب، رنگ ۽ نسل جي فرق جي لاچار ۽ بيوس ماڻهن جي خدمت ٿيڻ گهرجي ۽ اهي مذهبي رواداري جو مثال بڻيل هجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.