سموري دنيا ۾ هر 40 سيڪنڊن اندر هڪ فرد آپگهات ڪري ٿو: صحت جو عالمي ادارو

سموري دنيا ۾ هر 40 سيڪنڊن اندر هڪ فرد آپگهات ڪري ٿو ۽ هر سال ان ڪري ڪنهن جنگ جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو مرن ٿا.

اها ڳالهه صحت جي عامي اداري پنهنجي هڪ نئين رپورٽ ۾ ٻڌائي آهي.

آپگھات جي خاتمي جي عالمي ڏينهن (10 ڊسمبر) جي حوالي سان صحت جي عالمي اداري رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سموري دنيا ۾ ڦاهو کائڻ، زهر کائڻ ۽ بندوق جو استعمال آپگھات جو سڀ کان عام طريقو آهن.

عالمي اداري سڄي دنيا ۾ حڪومتن تي زور وڌو آهي ته هو آپگھاتن جي روڪٿام لاءِ مختلف پرگرامز تي ڪم ڪن ۽ ماڻهن کي ذهني دٻاءَ کي قابو ڪرڻ ۾ مدد ڏين.

رپورٽ موجب گڏيل طور تي هر سال 8 لک ماڻهو آپگهات ڪن ٿا.

ان رپورٽ ۾ زور ڏنو ويو آهي ته جيت مار دوائن تي پابندي ذريعي ماڻهن جي زهر تائين پهچ کي گھٽ ڪري آپگھاتن جي شرح کي 70 سيڪڙو تائين گھٽ ڪري سگھجي ٿو.

رپورٽ موجب آپگھات 15 کان 29 ورهين جي عمر نوجوانن ۾ موت جو ٻيو وڏو سبب آهي ۽ 15 کان 19 ورهين جي ڇوڪرن ۾ جذباتي مسئلن سبب آپگھات ڪرڻ ٻيو وڏو سبب آهي.

ان عمر جي ڇوڪرن ۾ آپگهاتي موت ، ٽريفڪ حادثن ۽ گڏيل جهيڙن کان پوءِ ٽيون وڏو سبب آهي.

عالمي اداري موجب گڏيل طور تي هر سال 8 لک ماڻهو آپگھات ڪن ٿا ۽ اهو انگ مليريا، بريسٽ ڪينسر، جنگ يا قتل کان وڌيڪ آهي.

عالمي سطح تي هاڻوڪن ورهين ۾ آپگھاتن شرح ۾ 9.8 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي پر ان حوالي سان انگ اکر پيچيدهه آهن ڇو جو ان عرصي ۾ آمريڪا ۾ آپگھاتن جي شرح ۾ 6 سيڪڙو واڌ ٿي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته آپگھات جي مسئلي جي روڪ ٿام ممڪن آهي، بس حڪومتن کي ان حوالي سان حڪمت عملي کي مرتب ڪرڻ گھرجي ۽ انهن کي نيشنل هيلٿ ۽ تعليمي پروگرامز ۾ شامل ڪرڻ گھرجي.

You might also like