سرڪار جو يوٽلٽي اسٽور ڪارپوريشن کي 6 ارب ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت 6 ارب رپيا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي فوري ڏيڻ جو فيصلو ڪري  ورتو، رقم مان اٽو، گيهه، چانور ۽ دالين جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي ايندي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ضرورت جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ، عوام کي ريليف ڏيڻ بابت اجلاس ٿيو  جنهن ۾ 6 ارب رپيا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي فوري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، رقم مان اٽو، گيهه،کنڊ، چانورن ۽ دالين جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي ايندي.   وزير اعظم عمران خان چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ آي تي کي ڪتب آندو وڃي، عوام کي  ريليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته 500 پوسٽ آفيسن کي به ضرورت جي شين جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جلد ئي پاڪستان پوسٽ هوم ڊيلوري سروس به شروع ڪنداسين.03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.