سرڪاري ادارن جو نقصان روڪڻ پهرين ترجيح آهي: حفيظ شيخ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سرڪاري ادارن جو نقصانن کي روڪڻ حڪومت جي پهرين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ادارن جي نقصان روڪڻ لاءِ فوري طور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ ناڻي بابت اڳوڻي وزير شوڪت ترين ۽ معاشياتي ماهر زبير سومري سميت ٻين شرڪت ڪئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: وزيراعظم وڏن منصوبن جي مانيٽرنگ جي هدايت ڪئي آهي: حفيظ شيخ

اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نقصانن کي روڪڻ جي تجويزن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته سيڙپ پاڪستان ڪمپني لميٽيڊ جي مقصدن تي به غور ڪيو ويو.

ان موقعي تي عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته سرڪاري ادارن جو نقصان روڪڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ان معاملي تي فوري طور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته سرڪاري ادارن ۾ گڊ گورننس ۽ سخت نگراني جي ڪوشش ڪئي وڃي، جڏهن ته ”سيڙپ پاڪستان لميٽيڊ“ ۾ ماهرن کي شامل ڪيو ويندو، سيڙپ پاڪستان جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي سمري وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي.

You might also like