سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ امڪاني رانديگرن جو اعلان، ملڪ ۽ حفيظ ڊراپ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ امڪاني 20 رانديگرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد به شامل آهن.

پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز 27 سيپٽمبر کان 9 آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق سريلنڪا خلاف سيريز جي تربيتي ڪئمپ لاءِ 20 امڪاني رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو، سمورا رانديگر 18 سيپٽمبر تي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ رپورٽ ڪندا.


مصباح الحق 21 سيپٽمبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊن جو اعلان ڪندو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سيپٽمبر تي ڪراچي رواني ٿيندي، جتي پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 27 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي.

تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ محمد حفيظ امڪاني 20 رانديگرن ۾ شامل ناهن ۽ ٻنهي کي 12 آڪٽوبر تائين ڪيريبيئن پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پڌرائي ۾ امڪاني 20 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو، جن ۾ سرفراز احمد (ڪپتان)، بابر اعظم (نائب ڪپتان)، عابد علي، احمد شهزاد، آصف علي، فهيم اشرف، فخر زمان، حارث سهيل، حسن علي، افتخار احمد، عماد وسيم، امام الحق، محمد عامر، محمد حسنين، محمد نواز، محمد رضوان، شاداب خان، عمر اڪمل، عثمان شنواري ۽ وهاب رياض شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.