ساون مرچن جو قيمو

ساون مرچن جو قيمو تيار ڪرڻ لاءِ گھربل شيون :

قيمو اڌ ڪلو

بصر ٻه عدد

ٿوم ادرڪ کائن جا ٻه چمچا

ساوا مرچ 10 عدد

ڪٽيل ڳاڙها مرچ چانهه جو هڪ چمچو

زيرو پائوڊر چانهه جو هڪ چمچو

ڌاڻن جو پائوڊر چانهه جو هڪ چمچو

چاٽ مصالحو کائڻ جا ٻه چمچا

لوڻ ذائقي موجب

ڏهي ڪوپ جو چوٿون حصو

هي به ڏسي سگھو ٿا: فروزن پراٺو تيار ڪرڻ جو طريقو

تيار ڪرڻ جو طريقو:

بصر کي چوپ ڪيو ۽ هڪ عدد بصر کي تيل ۾ گڏائي فرائي ڪري وٺو.

بصر هلڪو برائون ٿيڻ تي ٿوم، ادرڪ، ساوا مرچ چوپ ڪري شامل ڪيو.

قيمو شامل ڪري ڀڃي وٺو ۽ سڀئي مصالحا ۽ ڏهي گڏائي پندرنهن منٽ دم تي رکي ڇڏيو.

هاڻ باقي هڪ بصر ۽ ساوا مرچ شامل ڪري پنهنجن منٽ تائين دم تي رکو.

ڊش تيار ٿيڻ تي ان ۾ ادرڪ ۽ ساوا ڌاڻا شامل ڪري ساون مرچن جو قيمو پيش ڪيو.