ساهيوال سانحي ۾ اهم اڳڀرائي، وارثن انڪار ڪري ڇڏيو…!

لاهور(ويب ڊيسڪ) ساهيوال سانحي ۾ مارجي ويل مقتول جي ڀاءُ ۽ ٻارن جوابدارن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

لاهور جي دهشتگردي انت واري عدالت ۾ ساهيوال سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪيس جي جوابدار صفدر احسن، رمضان، سيف الله، حسنين ۽ ناصر نواز کي پيش ڪيو ويو.

مقتول ذيشان جي ڀاءُ احتشام عدالت جي آڏو پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرايو، مقتول خليل جي ٻارن عمير ۽ منيبه، ڀاءَ جليل به بيان ريڪارڊ ڪرايو جڏهن ته مقتول خليل جي ٻارن ۽ ڀاءُ جوابدارن کي سڃاڻپ نه ڪري سگهڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ساهيوال سانحي جو ٽرائل لاهور منتقل ڪرڻ جو حڪم

عمير ۽ منيبه جو چوڻ هو ته هو گولي هلائيندڙ اهلڪارن کي سڃاڻي نٿا سگهن، مقتول جي ڀاءُ جليل بيان ڏنو ته هو مواقعي واري هنڌ موجود نه هو.

بعدا ۾ عدالت وڌيڪ شاهدن کي شاهدين جي لاءِ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ڪيس جو پس منظر:

هلندڙ سال 19 جنوري جي منجهند پوليس جي دهشتگردي واري کاتي (سي ٽي ڊي) ساهيوال جي ڀرسان جي ٽي روڊ تي هڪ شڪي مقابلي دوران گاڏي تي انداڌنڌ فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عام شهري خليل، سندس گهرواري ۽ 13 سالن جي ڌيءُ سميت 4 ڄڻن جي مارجڻ ۽ ٽي ٻارن جي زخمي ٿيڻ جڏهن ته 3 مبينا دهشتگردن جي فرار ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.

واقعي کان پوءِ سي ٽي ڊي طرفان تڪراري بيان ڏنا ويا، واقعي کي پهرين ٻارن جي بازيابي سان تعبير ڪيو ويو پر بعد ۾ ويڊيو منظر عام تي اچڻ کان پوءِ مارجي ويلن مان هڪ کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو.

ميڊيا تي معاملو اچڻ کان پوءِ وزير اعظم عمران خان به واقعي جو نوٽيس ورتو، ٻئي پاسي واقعي ۾ ملوث سي ٽي ڊي اهلڪارن کي حراست ۾ وٺي جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي، جنهن جي شروعاتي رپورٽ ۾ مقتول خليل ۽ سندس خاندان کي بي گناهه قرار ڏئي سي ٽي ڊي اهلڪارن کي ذميوار قرار ڏنو ويو.

مقتولن جي وارثن جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ ٽرائل ساهيوال کان لاهور منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت ۾ هن وقت تائين 12 شاهد پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي چڪا آهن.

You might also like