پاڪستان ريڪوڊڪ ڪيس جو فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان حڪومت ريڪوڊڪ ڪيس ۾ عالمي ٽياڪڙي ڪميشن جي ڏنڊ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد پريس انفارميشن ڊپارٽمنٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته ماضي ۾ حڪومت جي احمقاڻين پاليسين سبب پاڪستان تي ڏنڊ لڳا. ريڪوڊڪ ڪيس ۾ 6.2 ارب ڊالر ۽ اورڪار جي ڪيس ۾ 102 ارب ڊالرن جا ڏنڊ لڳايا ويا آهن. پاڪستان اهي ڏنڊ ادا نٿو ڪري سگھي ان ڪري ريڪوڊڪ ڪيس چيلينج ڪري رهيا آهيون. ماضي جي حڪومتن جو احمقاڻيون پاليسيون هيون.

هن چيو ته ڏيڍ ارب ڊالر ڪپيسٽي چارجز جي مد ۾ ورتا پيا وڃن. روش پاور ڪمپني مقامي ٽياڪڙي سان جڏهن ته ٻين 11 ڪمپنين عالمي ٽيڪاڙي لاءِ رابطو ڪيو.

هڪ سوال جي جواب وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته حڪومت طرفان ڪو به مائنس ون منصوبو نه پيو آندو وڃي، عمران خان اسان جو وزيراعظم آهي ۽ آئيندا به پي ٽي آءِ اميدوار هوندو.

هي به ڏسي سگھو ٿا: ريڪوڪ ڪيس ۾ پاڪستان تي ڏنڊ، وزيراعظم طرفان ڪميشن جوڙڻ جي هدايت

سندس چوڻ هو ته شفافيت تحريڪ انصاف جي حڪومت جو طره امتياز آهي. ميرٽ کان هٽي ڪري ڪو به فيصلو ناهيون ڪري رهيا. بجلي نظام جي 100 سيڪڙو ڪارڪردگي اسان جي ترجيح آهي. گذريل حڪومتن آءِ پي پيز تي خرچن جو بار وڌو جنهن سبب آءِ پي پيز ٽياڪڙي لاءِ مقامي ۽ عاملي ٽياڪڙين سان رابطو ڪيوآهي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جي آءِ ڊي سي جو فيصلو اسان جي حق ۾ آيو ته اسان گيس انفرا اسٽرڪچر جي بهتري لاءِ ان کي استعمال ڪنداسين.

You might also like