دادو ڀرسان گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن عورت فوت

دادو ( ڊ ر )  دادو  الله آباد ڀرسان روڊ ڪراس ڪندڙ پيرسن الله بچائي زال امير بخش پنهور کي نامعلوم گاڏي ٽڪر هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ دادو اسپتال آندو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت تي وئي، پيرسن عورت جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ويو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،  ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.