خيرپور ۾ قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي جنم ٽيپ

خيرپور ( ڊ ر ) خيرپور ۾ ڪيسن جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج گل ضمير سولنگي جي عدالت پيرڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مڱرجي ۾ 15 سيپٽمبر 2009 تي معمولي ڳالهه تان 23 ورهين جي نوجوان سليم راهوجو کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هلائي ماري خون ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار ڪامران راهوجو ۽ عمران راهوجو مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين عمرقيد ۽ هڪ _ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي کين پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور اماڻي ڇڏيو. جڏهن ته ساڳي ڪيس ۾ صاحب خان راھوجو کي آزاد ڪري ڇڏيو جوابدارن کي پوليس جي سخت سيڪورٽي ۾ سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو .  واضح رهي ته واقعي واري ڏينهن کان ڪجهه ڏينهن اڳ پيرڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مڱرجي ۾ ظهير احمد راهوجو جي دوڪان مان چوري ٿي هئي جنهن جو شڪ جوابدارن مٿان هيو جنهن ضديت تان جوابدارن ڪلاشنڪوف جا برسٽ هلائي ظهير احمد راهوجو جي ڀاءُ سليم راهوجو کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ڪيو هيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.