خيرپور سول اسپتال ۽ سٽي اسپتال ڪوس گھر بڻيل

گل مير ڦلپوٽو

خيرپور سول اسپتال ۽ سٽي اسپتال موت جو گهر بڻجي ويا 24 ڪلاڪن اندر 7ٻار فوت دوائون اڻ لب 10 ڊاڪٽرن سميت 32 ملازم ويزا تي ويل آءِ سي يو وارڊ جون هڪ مهيني کان وٺي ائيئرڪنڊيشنر خراب پيل اسپتالن جي اندر صفائي وارو عملو غائب ڪپهه جي ٻڙي کان وٺي سڀ دوائون مريضن جا وارث ٻاهران خريد ڪرڻ لڳا سول اسپتال ۽ سٽي سول اسپتال تباهي ڪناري تي پهچي وئي .

خيرپور سول

شهرين طرفان واهر ڪرڻ جي اپيل ۽ چندا مهم جو اعلان گذريل 24ڪلاڪن جي سٽي سول اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ دوائون جي کوٽ سبب 8  ٻار فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 180ٻار آءِ  سي يو ۽ جنرل وارڊ ۾ پڻ داخل آهن جن جي حياتي کي خطرو آهي ٻارن جي موت جي خبر پوڻ تي صحافي گل مير ڦلپوٽو کي پئي ته سٽي اسپتال جي ٻارن جي جنرل وارڊ ۽ آءِ سي يو وارڊ ۾ پهتم ته ٻارن جي وارثن اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي ڊاڪٽرن خلاف ٻڌايو ته اسپتال جي هڪ بيڊ تي ٽن کان چار ٻار داخل ڪيا ويا آهن جيڪي مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن اهي ٺيڪ ٿيڻ بجاءِ ويتر مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا جيڪي ڏينهن ٻن ۾ موت پڻ جو خاڄ بڻجي وڃن ٿا جڏهن ته سٽي اسپتال اندر ڊاڪٽر ڪا به دوا نه ٿا ڏين ڪپهه جي ٻڙي کان وٺي سڀ ئي دوائون اسان پرائيويٽ اسٽورن تان خريد ڪيون ٿا .

خيرپور سول

پر هتي اهڙا غريب ماڻهو به موجود هئا جن کي دوا خريد ڪرڻ جي سگهه ئي نه آهي جن کي داخل مريض چندو ڪري دوائون خريد ڪري ڏين پيا جيڪي سندن ٻچن جي لاءِ ٻاهران دوائون خريد ڪري اچن ٿا پر مسيها پيشو سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽرن کي ڪو به رحم نه ٿو اچي جو غريبن کي سرڪاري دوائون ڏين ۽ روزانو هن اسپتال مان چئن کان پنج ٻارن جا لاش نڪرن ٿا سندن امڙيون پنهنجن هٿن تي پنهنجي ٻچن جا لاش هٿ تي کڻي لڙڪ وهائينديون ٿيون وڃن ڊاڪٽر ڪا سائين وانگر تارا پٽي ڏسندا رهن ٿا اهيو لفظ ڊاڪٽرن جي وات تي آهي ٻار ڪمزور هو تڏهن مري ويو افسوس جي ڳالهه آهي ته اڳ ۾ به ڪيترائي ٻار مري چڪا آهن ۽ امڙيون جي جھوليون کالي ٿي چڪيون آهن جڏهن ته سٽي اسپتال مان صفائي وارو عملو غائب آهي سڄو ڏينهن اسپتال اندر گند ڪچري جا ڍير لڳل آهن نرسيون ڪچھري ۾ پوريون هونديون آهن جڏهن به کين مريضن جي وارثن پاران اطلاع ٿو ڪجي ته ٻار جي طبيعت خراب آهي ڏسون ته هو چونديون آهن ماسي دوا ناهي ڊاڪٽر کي دانهن ڏيو خدا جي واسطي سول اسپتال ۽ سٽي اسپتال تباهي ڪناري پهچي وئي آهي ۽ روزانو ٻارن جون زندگيون تباهه ٿي  وڃن ٿيون.

خيرپور : سول اسپتال ۽ سٽي اسپتال خيرپور ۾ 12 ميل ۽ في ميل ڊاڪٽر ۽ 20 ننڍا ملازم ميڊيڪل سپريڊنٽ جي آشروات سان ويزا تي ويل آهن جنهن ۾ في ميل ڊاڪٽر انيلا ڪماري، ڊاڪٽر فيض علي في ميل نرس امبرين مهڪ ۽ ٻيا پڻ شامل آهن جيڪي منٿليون ڏيندا آهن سول اسپتال ۽ سٽي اسپتال جي اهڙي صورتحال کي ڏسندي سماجي ۽ وائيس آف خيرپور جي اڳواڻن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا پر افسوس  سرڪاري ٻيا ادارا به تباهي ڪناري پهتل آهن پر سرڪار اسپتالون هينئر تباهي ڏانهن وڃي رهيون آهن

خيرپور : سول اسپتال خيرپور جي هڪ ذميوار آفيسر نالو نه ٻڌائڻ تي انڪشاف ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اين ٽي بائيٽڪ جيڪي به دوائون ڏنيون هيون اهي به ڪمپني سان مهائدو ڪري سيف زون انجيڪشن سميت سڀئي دوائون وڪرو ڪيون ويون جڏهن ته پيراسيٽامول ۽ پيناڊول ٽڪيون ۽ سيرپ بچا هئا جن کي سرڪاري ناٽ ڦار سيل جو ليبل لڳل هو ان ڪري هو وڪامي نه سگهيون تنھن ڪري اهي او پي ڊي جي مريضن کي ڏنيون پيو وڃن انڪشاف ڪندڙ ماڻهو ٻڌايو ته جيڪڏهن صحيح جاچ ٿي ته ميڊيڪل سپريڊنٽ سميت ملوث ملازم ڪاٺ کان نه بچي سگهندا

خيرپور : سول اسپتال خيرپور جي سپريڊنٽ ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ رابطي ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته لوڪل پرچيزنگ فنڊ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بندش وجهي ڇڏي آهي جنهن ڪري اسان ڪا به دوا خريد نه ٿا ڪري سگهون جو آسان مريض کي ڏئي سگهون جڏهن ته 85 پرسنٽ دوائون سنڌ حڪومت صحت کاتو ڏيندو آهي اهي به اسان کي نه ملي سگهيون آهن ان ڪري دوائون جي کوٽ آهي ڪجهه خدا ترس ماڻهو آهن جيڪي اسان جي مدد ڪن ٿا جنهن جي ڪري هي ادارو هلي رهيو آهي.