خيرپور اسپتال مان ڊاڪٽر گم، نينگري سميت 3 عورتون فوت

خيرپور (س ر) خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ مان ڊاڪٽر غائب هئڻ سبب هنگامي حالتن واري وارڊ ۾ زخمي حالت ۾ پهتل 5 سالن جي نينگري سميت 3 عورتون فوت ٿي ويون، ڳوٺ ڦوڙهي چانڊيو جي رهواسڻ 5 سالن جي اقراءَ ڌيءَ سلطان چانڊيو کي ڳئون جو ٽڪر لڳڻ سبب خيرپور سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو ويو، جتي ڊاڪٽر موجود نه هئڻ ۽علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي، ڳوٺ سمي واسڻ 50 ورهين جي  حسينه زال لياقت شنباڻي کي نانگ ڪکڻ سبب ايمرجنسي وارڊ آندو ويو، جيڪا پڻ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، ٺري ميرواهه تعلقي جي بوزدار وڏا واسڻ  ظهيران ملاح ڌيءَ ضمير ملاح کي به نانگ ڪکڻ سبب سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جيڪا ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۽ علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ ڪلاڪ اندر 3 فوتگين تي وارثن احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته  ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽر موجود نه هئڻ ضلعي جي عوام سان سراسر ناانصافي آهي، ٻي طرف  ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽرن جي موجود نه هئڻ ۽ مريضن جي فوت ٿيڻ وارين خبرن جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-II خيرپور اقبال جنڊان کي انڪوائري ۽ فوري طور اسپتال پهچڻ جي هدايت ڪئي، جنهن اسپتال پهچي ٻئي وارڊ مان ڊاڪٽر کي ايمرجنسي وارڊ ۾ طلب ڪيو.

ملير ۾ ٻارڙو انجيڪشن لڳڻ بعد فوت، عطائي ڊاڪٽر گرفتار

ملير (رپورٽ: جميل ڇانڊيو) ڀينس ڪالوني ۾ عطائي ڊاڪٽر هٿان ٽن ورهين جو ٻارڙو غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت، واقعي خلاف وارثن جو سکڻ ٿاڻي آڏو احتجاج، پوليس ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ورتو، آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، خبر موجب سکڻ ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 9 اوڏ بستي ۾ قائم عائشه ڪلينڪ ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ٽن ورهين جو ٻارڙو رضوان پٽ عاشق ٻرڙو فوت ٿي ويو، واقعي بعد فوتي ٻارڙي جي وارثن اسپتال پهچي لاش کڻي سکڻ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڊاڪٽر خلاف سخت نعريبازي ڪئي.063041

عمرڪوٽ ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 2ڪيس ظاهر، انگ 41 ٿي ويو

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ جي انتظاميه ڊينگي وائرس تي ضابطو نه آڻي سگھي آھي نه ئي ضلعي جي چئن تعلقن ڪنري، سامارو، پٿورو ۽ عمرڪوٽ جي ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ اسپري شروع ٿي سگھيو آھي جنھن ڪري ڏينھون ڏينھن ڊينگي وائرس ڦھلجڻ وارو سلسلو جاري آھي . ۽ وڌيڪ ٻن ڄڻن 25 سالا ريحانه زال زاهد ۽ 34 ورهين جي بابر خان کي ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آھي جنھن کي وارثن سول اسپتال عمرڪوٽ داخل ڪرايو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي. جڏھن ته ڊينگي ۾ مبتلا ٿيل ماڻھن جو انگ 26 ڏينھن دوران وڌي 41 ٿي ويو آھي پر صحت کاتي جي اختيارين ڪوبه نوٽيس نه ورتو.043041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.