خورشيد شاهه جي طبعيت خراب، اسپتال داخل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب جي حراست ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي طبعيت خراب ٿي وئي، جنهن کي پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.

نيب راولپنڊي وٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ کي دل جي تڪليف سبب اسپتال نيو ويو، کيس هڪ رات لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ داخل خورشيد شاهه جي اي سي جي ۽ بلڊ پريشر نارمل آهي، جڏهن ته دل جي ڌڙڪي ۽ شگر جي تڪليف سبب سندس وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون وينديون.

نيب ذريعن موجب پولي ڪلينڪ جي آفيسر وارڊ ۾ خورشيد شاهه کي گهر ڀاتين يا ڪنهن ٻئي شخص سان ملاقات جي اجازت نه هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.