خبر ناهي ته ڪميٽي ڇا ڪندي: وڏو وزير

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار ڪراچي لاءِ اسٽريٽيجڪ ڪميٽي جوڙڻ بابت سنڌ سرڪار کي اعتماد ۾ نه ورتو، خبر ناهي ته اھا ڪميٽي ڇا ڪندي ۽ ان جو ڇا مينڊيٽ آھي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر عمران اسماعيل سان گڏ قائد اعظم محمد علي جناح جي 71 هين ورسي جي موقعي تي مزار تي حاضري ۽ فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سرڪاري کاتا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن: مراد علي شاهه

سندس چوڻ هو ته ڪچرو کڻڻ، شهرن ۽ روڊن جي صفائي جو ڪم مڪاني ادارن جو آھي، گندگي جي خاتمي لاءِ بهتر اپاءَ وٺنداسين.

هن چيو اسان کي عهد ڪرڻو آهي ته سمورا ويڇا ۽ فرق ختم ڪري ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪريون، گورنر به سنڌ جو نمائندو آهي، ڪراچي جي مسئلن جي حوالي سان سفارشون تيار ڪري وفاقي سرڪار حوالي ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like