حيدرآباد جي به واهر ٿيڻ کپي

اعجاز چانڊيو

پهريان ته اسان ٻڌندا هئاسين ته سنڌ جا ڳوٺ انتظامي سطح تي لاوارث ۽ ننڌڻڪا بڻيل آهن، ڳوٺن جا ماڻهو ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهيل آهن، بنيادي سهولتن جي کوٽ ڪري ڳوٺن ۾ ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن پيا ڏين، جڏهن برساتون پون ته ڳوٺ پاڻي سان ڀرجي ويندا هئا، ڪچا گهر ڊهڻ جي ڊپ کان ماڻهو ڪمرن مان نڪري ڇپرن ۾ وڃي ٻچن کي پناهه وٺرائيندا هئا ۽ پيا خدا کي ٻاڏائيندا هئا ته سندن مٿان آيل مصيبت ٽري وڃي، بهرحال ڳوٺاڻن ماڻهن پئي پنهنجي همٿ پاڻ تحت مصيبتن کي منهن ڏنو آهي، مون کي افسوس ته ان ڳالهه تي ٿي رهيو آهي ته پهريان ته رڳو ڳوٺ لاوارث هوندا هئا، پر هاڻي ته شهرن سان به وقت جي حڪمرانن گهٽ ناهي ڪئي، ٿوري پيل برسات ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن جي انتظاميا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، جڏهن برسات پئي ته شهر ٻڏي ويا، ماڻهن جي گهرن ۾ گوڏي جيڪو پاڻي ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيٺل رهيو، گهٽين ۾ پيل گند ڪچري جا ڍير ۽ انهن مان پيدا ٿيل بدبوءَ ته ماڻهن جو پئي ساهه سڪايو، ائين پئي لڳو ڄڻ شهرن جو ڪو والي وارث ئي نه هجي، ڪيڏانهن ويا اهي انتظامي فرد جيڪي ڪروڙين روپيا فضول خرچ ڪن ٿا، عوام جو پيسو لٽي پنهنجي زندگي خوشحالي واري گذارين ٿا، انهن به ماڻهن جي ڪا واهر نه ڪئي، ان جو ثبوت ان هڪ روڊ جي ٽڪري مان حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو حيدرآباد سان لاڙ جي وڏن ضلعن بدين ۽ ٿرپارڪر کي ملائي ٿو، فتح چوڪ کان ناراجيل تائين بدين روڊ ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، هڪ مهينو گذري ويو، پر روڊ تي بيٺل گوڏي جيڏو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو.

ان وقت ته منهنجي دل روئي پئي ۽ مون کي انتظاميا جي شهر ۽ شهرين سان ڪيل خراب ورتاءُ تي ڪاوڙ به پئي اچي، جڏهن آئون گذريس پئي حيدرآباد جي فتح چوڪ کان ناراجيل تائين بدين روڊ تان، جتي روڊ تي پاڻي ڀريل هو ۽ ان پاڻي ۾ تقريبن 10 کان مٿي گاڏيون ٽائرن سميت ڦاٿل هيون، اهڙي صورتحال ۾ مون سوچيو پئي ته حيدرآباد انتظاميا ڇا پئي ڪري..؟ سوال اهو آهي ته هن شهر ۾ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ حڪومتي پارٽي پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ به رهندڙ آهن، اهي هن شهر کي ڇو نه پيا سنڀالين هو ڇا پيا ڪن، سندن ڌيان ڪهڙي پاسي آهي، ڇا پيپلز پارٽي پنهنجي ذميواري نٿي سمجهي ته اها حيدرآباد شهر کي سنڀالي، ڇا وڏو عرصي حيدرآباد شهر تي حڪمراني ڪندڙ پارٽي ايم ڪيو ايم جو اهو فرض ناهي ته اها شهرين کي ايندڙ تڪليفن مان ٻاهر ڪڍي ۽ ماڻهن جي واهر ڪري، نه انهن پارٽين کي ماڻهن جي ڪا به پرواهه ناهي، اهي صرف ووٽ وٺڻ ڄاڻين ٿيون، اهي پارٽيون ته پاڻ ۾ وڙهڻ ۾ پوريون آهن.

هي به ڏسي سگھو ٿا: ڪاش حيدرآباد انتظاميا اک پٽي ها!

گذريل پيل سانوڻي جي برسات کان پوءِ مک روڊن تي پاڻي بيهڻ ڪري انهن ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آهن، گٽرن جا ڍڪ گٽرن ۾ ڪري پيا آهن ۽ اهي بڻجي سگهن ٿا حادثن جو سبب، خدا پيو خير ڪري ته انهن روڊن تي ڪي گاڏيون ڪلٽي ٿي حادثي جو شڪار نه بڻجن، حالت اها آهي جو ناراجيل ۽ فتح چوڪ جي وچ واري روڊ کي فيڪٽرين جا مالڪ گٽر طور استعمال ڪري رهيا آهن، آسپاس جي فيڪٽرين جي انتظاميا فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي موٽرن ذريعي روڊ تي اڇلائي رهي آهي، ان پاڻي ۾ جيڪڏهن پير لڳي ٿو ته اهو ڦٽجي پوي ٿو، پر فيڪٽرين وارن کي ڪير به روڪڻ وارو ناهي ۽ اهي هر روز روڊ تي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٿو. هتي ٻڌائيندو هلان ته ڄاڻايل روڊ جو ٽڪرو بدين واري نئين ٺهندڙ روڊ جو حصو آهي، جيڪو ٺهڻو هو، پر شايد اهو روڊ وارو پراجيڪٽ رولهڙي جو شڪار ٿي ويو، تنهن ڪري اهو اڌ ڪلو ميٽر جو ٽڪرو ٺهي نه سگهيو، ان جي پاسي مان ٺهندڙ نالو به مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ هي روڊ هاڻي ماڻهن لاءِ آزار بڻجي ويو آهي.

هڪ ته حيدرآباد کي پهرين آيل برساتن تباهه ڪيو ۽ برسات جو ٻيو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي، جي زوردار برسات پئي ته هڪ دفعو ٻيهر هن شهر جا روڊ ۽ رستا پاڻي سان ڀرجي ويندا ۽ حالت ڪهڙي ٿيندي، ان جو ڪو اندازو ناهي، اڳ ۾ پاڻي بيهڻ ڪري ماڻهن جا ڪروڙين روپين جا بنگلا هن وقت ڀري رهيا آهن، قاسم آباد ۾ ته جاين جون قيمتون ئي ڪري پيون آهن، هاڻ ته خريدار اهو پڇن ٿا ته ڇا توهان جي جاءِ يا ان جي سامهون واري روڊ تي برسات جو پاڻي ته نٿو بيهي، جي بيهي ٿو ته جڳهن جي قيمت ئي ڪري ٿي پوي، اهڙي حالتن ۾ سنڌ حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا کي حيدرآباد شهر جي واهر ڪري ماڻهن کي تڪليفن کان بچائڻ لاءِ ٺوس اپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي.

You might also like