جهڏو: رجنيش مالهي ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
جهڏو: رجنيش مالهي ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ جهڏو: رجنيش مالهي ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

 

جهڏي ۾ سياسي سماجي  تنظيمن جي ڪارڪنن پاران عمرڪوٽ ۾ سرڪاري گاڏي جو ٽڪر هڻي رجنيش مالهي کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

شهرين نندلال مالهي، فقيرو ميگهواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اڳوڻي ايم پي اي پونجو مل ڀيل انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي نوجوان کي چيڀاٽي قتل ڪيو آهي پر پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

سندن چوڻ هو ته واقعي کي 5 ڏينهن گذري ويا آهن پر حڪومتي سطح تي متاثر ڪٽنب جي ڪير به دانهن ٻڌڻي لاءِ تيار ناهي…

احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته فوري طور پونجو ڀيل کي گرفتار متاثر ڪٽنب کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

You might also like