جبري پورهيي جي صورت ۾ انساني غلامي وارو الميو

عتيق ملاح

جبر ۽ ڏاڍ ڪنهن به شڪل ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، جبر ذريعي ڪجهه عرصي تائين انسان کي غلام ته بڻائي سگهجي ٿو، پر هڪ ڏينهن ان جبر جي پڄاڻي ٿيندي، پاڪستان ۾ جبر ۽ ڏاڍ جون ڪيتريون ئي شڪلون سامهون اينديون رهيون آهن، اهڙو ئي هڪ جبر عورتن، ٻارڙن ۽ مردن کان جبري پورهيو وٺڻ آهي، هن جديد دور ۾ جبري پورهيي جا قسم به تبديل ٿيا آهن ته وري طريقيڪار به تبديل ٿي رهيو آهي، جبري پورهيو انساني غلاميءَ جو چٽو ثبوت آهي، ان انساني غلاميءَ جي خاتمي لاءِ رياست کي مزدورن ۽ هارين جي حقن لاءِ جوڙيل قانونن تي عمل ڪرائڻ سان گڏ قانونن ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ گهرجي.

سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ جبري پورهيي وارو نظام اڄ به رائج آهي، جبري پورهيي خلاف عالمي ۽ ملڪي قانون موجود آهن، پاڪستان عالمي سطح تي اهو واعدو ڪري چڪو آهي ته جبري پورهيي جي صورت ۾ انساني غلامي جو خاتمو ڪنداسين، پر زميني حقيقتون ڪجهه ٻيون آهن، پاڪستان ليبر جي عالمي قانونن تي عمل ڪرائڻ جو پابند آهي، اسان وٽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مزدورن جي تحفظ ۽ حقن جي حوالي سان ڪيترائي قانون ٺهي چڪا آهن اسيمبلين مان بل پاس ڪيا ويا آهن، پر انهن تي عمل نٿو ٿئي.

جديد غلاميءَ ۾ جبري پورهيي جون مختلف شڪلون نظر اينديون آهن، جن ۾ هارين ۽ مزدورن تي قرض چاڙهي پورهيو ڪرائڻ ۽ زوري شاديون ڪرائڻ سميت ٻيا طور طريقا موجود آهن، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ جبري پورهيو زراعت ۽ بٺن واري شعبي ۾ ورتو وڃي ٿو، پر ان کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ صورتحال اها آهي ته غربت جي ڪري ننڍڙا معصوم ٻارڙا گئراجن، وڏن بنگلن، دڪانن ۽ هوٽلن تي راند کيڏڻ جي ڄمار ۾ پورهيو ڪن ٿا، ڪٿي ٻارڙن کان مزدوري ڪرائي وڃي ٿي ته ڪٿي وري ٻارڙا غربت کان تنگ اچي پاڻ ئي اهڙو پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن، جتي کين جسماني ۽ ذهني تشدد کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، تشدد ته اسان جي سماج جو لازمي جز بڻجي چڪو آهي، پاڪستان ۾ ٻارڙن کان جبري پورهيو ڪرائڻ خلاف به قانون موجود آهن، پر انهن قانونن جي لتاڙ به اهي ئي ڪندي نظر ايندا آهن جيڪي ٻارڙن جي حقن ڳالهه ڪندا رهندا آهن، جيڪي اسيمبلين ۾ ويهي اهڙا بل پاس ٿيڻ وقت ان بل جي حمايت به ڪندا آهن.

جبري پورهيي جو تصور هاڻ مختلف انداز ۾ ڪري سگهجي ٿو، اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻ جبري پورهيو ڪرائڻ وارو طريقو تبديل ٿي چڪو آهي، ماضيءَ ۾ سخت جبري پورهيو هو جنهن ۾ زنجيرون، جيل وارو ماحول ۽ هارين مٿان خانگي گارڊ مقرر ڪري سندن چوڪيداري ڪرڻ شامل هو، پر اڄ جي دور ۾ ان طريقي ۾ ٿوري تبديلي آڻي نئين انداز سان ماڻهن کي غلام بڻائي رکڻ واري تسلسل کي جاري رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ظاهري طور تي آزاد ۽ خوش نظر ايندڙ مزدور ۽ هاري ذهني طور تي ان جبري پورهيي واري ساڳي ڪيفيت مان گذرندو آهي، هن وقت جبري پورهيي واري شڪل نئين انداز ۾ انتهائي ڀيانڪ صورت ۾ سامهون اچي رهي آهي.

پاڪستان ۾ بانڊيڊ ليبر تمام وڏو مسئلو آهي، پاڪستان ۾ مزدورن جي حوالي سان موجود قانونن تي غور ويچار ڪرڻ ضروري آهي، سنڌ ۾ زرعي مزدورن سان گڏ انڊسٽريل ليبر به موجود آهي ۽ جبري پورهيي وارو مسئلو هر شعبي ۾ موجود آهي،  جبري پورهيو انسانيت کي بدترين غلامي ۾ ڌڪڻ جو هڪ نظام آهي، ڪنهن جي مٿان پنهنجي مرضي زوري مڙهڻ هڪ وڏو ڏوهه آهي، پر هتي اهو رجحان وڏي طاقتور انداز سان موجود آهي، ڪمزور طبقن کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ جا نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن.

جبري پورهيو وٺندڙن خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي ته جبري پورهيي ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو، مزدورن ۽ هارين جي حقن لاءِ مختلف وقتن تي جوڙيل قانونن ۾ تمام گهڻيون خاميون آهن، زراعت بٺن، انڊسٽريل شعبي، بنگلن ۽ گاڏين جي گئراجن ۾ اهي سمورا سرمائيدار، جاگيردار ۽ وڏيرا، ٻارڙن، عورتن ۽ مردن کي انهن جي سموري خاندان سميت باندي بڻائي ڇڏين ٿا، اسان وٽ اهو الميو آهي ته قانون موجود هجڻ باوجود انهن تي عمل نٿو ٿئي، رولس سالن تائين نٿا ٺهن ۽ قانون تي عمل درآمد ڪرائڻ جا ذميوار پاڻ ئي اهو ڪڌو عمل ڪندي نظر ايندا آهن، تازو حيدرآباد ۾ هڪ ٻاڙو هڪ بنگلي تي جبري پورهيو وٺڻ جي دانهن کڻي پوليس وٽ ٿاڻي تي پهتو هو، ان کان اڳ ٻه ٻارڙيون حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ساڳي دانهن کڻي پهتيون هيون، پر سندس دانهن ڪنهن به نه ٻڌي.

You might also like