ثنا مير هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثنا مير کي راند ۾ شاندار خدمتن تي ايشيا گيم چينجر ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو آهي.

ايشيا سوسائٽي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ عورتن لاءِ ايوارڊن جي نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ مختلف شعبن ۾ غير معمولي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندڙ عورتن جي فهرست ۾ ٻين 5 عورتن سان گڏ ثنا مير جو نالو به شامل آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ثنا مير دنيا جي نمبر ون بالر بڻجي وئي…

ايشيا سوسائٽي هر سال مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي پيش ڪندڙن کي ايوارڊن سان نوازيندي آهي ۽ هي پهريون ڀيرو آهي جو ايوارڊن لاءِ نامزد ٿيندڙ سڀ عورتون آهن.

ثنا مير ان ايوارڊ لاءِ نامزدگي تي ٽوئيٽر تي خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته مان ايشيا سوسائٽي ۾ ملڪ ۽ ڪرڪيٽ جي نمائندگي تي فخر محسوس ڪيان ٿي.

ايوارڊز تقريب 24 آڪٽوبر تي نيو يارڪ ۾ ٿيندي.

You might also like