تنگواڻي: رولو ڪتن حملو ڪري هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو

وامي آواز رپورٽ
تنگواڻي: رولو ڪتن حملو ڪري هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو
وامي آواز رپورٽ تنگواڻي: رولو ڪتن حملو ڪري هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو

 

 

تنگواڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪتا مار مهم شروع نه ٿيڻ سبب رولو ڪتن هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو.

ڳوٺ شير خان کوسو ۾ رولو ڪتن مهرالله ، عتيق الرحمان ، فياض حسين بهلڪاڻي ۽ ٻين کي چڪي وڌو، جنهن کي وارثن کڻائي سول اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران وئڪسين ڪئي وئي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب چوپايو مال ۽ ماڻهو غير محفوظ آهن.

هنن انتظاميا کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي رولو ڪتن خلاف مهم هلائي عوام جي پريشانين کي گهٽايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.