تشدد جو شڪار عورت اهلڪار جي تحريڪ انصاف اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وڪيل جي تشدد جو شڪار عورت پوليس اهلڪار فائزا نواز چيو آهي ته جڏهن ته عزت تي حملو ٿئي ته ڪا به عورت چُپ نٿي رهي سگهي.

لاهور ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فائزا نواز چيو ته نه سياست ڪري رهي آهيان ۽ نه پنهنجي کاتي طرفان ڳالهائي رهي آهيان، وڪيل جي گاڏي مرڪزي داخلي رستي تي بيهارڻ کان روڪڻ تي بدتميزي ڪئي، ان ئي دوران هن چماٽ هنئي، مان ملازمت تان استعيفيٰ ناهي ڏني پر ڌمڪيون پيون ملن، تحفظ ڏنو وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: هر صورت ۾ ڪيس وڙهنديس: وڪيل جي تشدد جو شڪار عورت اهلڪار

هن چيو ته مان تشدد جي معاملي تي سياست نٿي ڪرڻ چاهيان پر جڏهن ڪنهن عورت جي عزت تي حملو ته اها خاموش نٿي ويهي سگهي، مان ملندڙ ڌمڪين بابت ميڊيا کي به آگاهه ڪيو.

واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي فائزا نواز چيو ته مان ٻه پهري مهل هڪ وڳي ڊيوٽي تي هيس، وڪيل اتي اچي پنهنجي گاڏي پارڪ ڪئي، مان منع ڪيو ته هو ڪاوڙجي پيو ۽ مون کي گاريون ڏنائين، مان وڪيل کي چيو توهان پڙهيل لکيل آهي ته ايتري ۾ هن مون کي چماٽ وهائي ڪڍي، مون کي بچائڻ وارو ڪير نه هو، مان ڊي ايس پي جي آفيس ويس ۽ اتي سڄو واقعو بيان ڪيو.

تحريڪ انصاف اسيمبلي ميمبر عظميٰ ڪاردار ۽ مسرت جمشيد چيما چيو خوشي جي ڳالهه آهي ته حڪومت متاثر عورت اهلڪار سان گڏ بيٺي آهي، عدليا کي درخواست آهي ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.

هنن چيو ته جيڪڏهن فائزا نواز سان انصاف نه ٿيو ته اهو هر عورت تي ظلم جي برابر هوندو.

عظميٰ ڪاردار چيو مان چيف جسٽس کي خط لکيو آهي ته ان ڇوڪريءَ کي انصاف ملڻ گهرجي.

You might also like