بهرام ۾ حاڪم شاهه جو ميلو شروع، ايم پي اي افتتاح ڪيو

بهرام(رپورٽ:محمد علي مگسي) درگاھ سيد حاڪم علي شاھ پٽ واري جلالي قلندري جو ميلو شروع، جنهن ۾ ايم پي اي مير نادر مگسي درگاھ تي پهچي چادر چاڙهي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته   سنڌ صوبي جي وڏي گادي آهي، جنهن ۾ سنڌ بلوچستان کان عقيدتمند شرڪت ڪن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته درگاھ طرفان الحاڪم فورس جي جوانن جي امن امان ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پوليس جي نفري کيس سيڪيورٽي جا انتظام سرانجام ڏئي پئي ۽ آخري ميلي تي سنڌ جي مختلف علائقن کان گهوڙا ريس ۾ به آءُ پاڻ پنهنجا گهوڙا ڊوڙائيندس،   هڪ سوال جي جواب ۾ نادر مگسي چيو ته درگاھ جي سهولت خاطر سولر پلانٽ هڻائي ڏيندس، ان موقعي تي واپسي ۾ درگاھ جي اسڪول جو وزٽ پڻ ڪيو، جنهن ۾فرنيچر جي سخت کوٽ جي حوالي سان نادر مگسي چيو ته تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري سان ڳالهائي مسئلا حل ڪرايا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.