بنگلاديش ٺهي ويو، جيڪڏهن ظلم برقرار رهيو ته سنڌو ديش به ٺهي ويندو: بلاول

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بنگلاديش ٺهي ويو هاڻ جيڪڏهن ظلم جو سلسلو برقرار رهيو ته سنڌو ديش ۽ سرائڪي ديش به ٺهي سگھن ٿا.

حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ڪنهن صورت ۾ سنڌ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. پ پ آخري حد تائين سنڌ لاءِ وڙهندي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب صوبي ڏيوالو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم سنڌ ۾ اچي چوي ٿو ته 18 هين ترميم سبب ڏيوالو ٿي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪراچي تي غير آئيني قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت کي گھر وڃڻو پوندو، سنڌ حڪومت ڪٺ پتلي ۽  غير جمهوري طاقتن آڏو ڀت جيان بيٺل هوندي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته  غير آئيني طريقي سان ڪراچي کي اسلام آباد مان ڪنٽرول ڪيو وڃي.

پ پ چيئرمين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ ۾ معاشي انقلاب آندو، اسان جو وزيراعظم سنڌ ۾ اچي چوي ٿو ته 18 هين ترميم سبب سنڌ جو ڏيوالو ٿي رهيو آهي، هن وقت ملڪ خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي.

You might also like