بنو اميه ۽ بنو هاشم تضاد سبب پيش ايندڙ ڪربلا جو المناڪ حادثو!

شفيق باجڪاڻي

بنو اميه ۽ بنو هاشم تضاد سبب پيش ايندڙ ڪربلا جو المناڪ حادثو!

جيتوڻيڪ ڪربلا جي ھانء ڏاريندڙ ۽ ڏکوئيندڙ سانحي کي سوين ورھيه گذري چڪا آھن پر اڄ به ڪربلا جي گرم ريت مٿان لڳل خوني جنگ جا منظر اھل شعور ۽ اھل ضمير انسانن کان وسري ڪونه سگهيا آھن. اڄ به پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي پياري نواسي امام حسين عليه السلام ۽ سندن ساٿين جي شھادت تي غم ۾ ڪا گھٽتائي ڪونه آئي آهي. جيڪر اسين ڪربلا جي دردناڪ واقعي کي تاريخي ۽ حقيقي پسمنظر ۾ ڏسون ته پتو پوندو ته ھن جنگ جو ٻين سببن سان گڏ مُک ڪارَڻ بنو ھاشم ۽ بنو اُميه جي درميان خانداني بُغض ۽ نفرتُون ھو. بنو ھاشم ۽ بنو اُميـه جي درميان پيدا ٿيل نفرتن ۽ بغض کي سمجھڻ خاطر ان مسئلي جي وضاحت ھن ريت آهي ته پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي والد محترم جي پڙ ڏاڏي کي چار پٽ نوفل، مطلب، ھاشم، عبد شمس ھئا. جيتوڻيڪ ھاشم، عبد شمس کان ننڍو هو پر ھن پنهنجي سوچ، سمجھ، دانائي ۽ لياقت سان پاڻ کي قبيلي جو رھنما بڻائي ورتو. سندس لياقت دانائيءَ کيس واپاري مَراعتون ڏياريون ۽ قبيلي جو مُک رهنما بڻايو، قبيلي جو مک رھنما بڻجڻ کان پوء بيت الله جا انتظام به سندس ھٿن ۾ اچي ويا. اھي سڀئي ڳالهيون ھاشم جي ڀائيٽي اُميـه کي ڪونه وڻيون ۽ سندس دل ۾ چاچي جي لاءِ ڪينو پيدا ٿيو.

ھن پنهنجي چاچي کي مناظري جو، انھن شرطن جي آڌار تي چيلينج ڏنو ته ھارائيندڙ ڏنڊ به ڀريندو ته 10 سالن لاءِ جلاوطني به ڪاٽيندو. جڏھن مناظرو ٿيو ته تنھن ۾ فتح اُميـه جي چاچي ھاشم جي ٿي. اُميـه ڏنڊ ڀَري ڪري شام جي طرف ھليو ويو ۽ ائين ئي بنو اُميـه ۽ بنو ھاشم جي درميان هڪٻئي لاءِ نفرتون وڌيون. بنو اُميه مان ابوسُفيان جو خاندان واپس مڪي وَريو. جڏھن پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم نبوت جو اعلان ڪيو ته ان ويل بنو ھاشم جا اثر رسوخ رکندڙ اھم ماڻھو ابوطالب، امير حمزه، عباس ۽ ابولھب ھئا. جڏھن ته بنو اميـه جا مُک اڳواڻ ابو سفيان، عفان ۽ حَڪم ھئا. بنو اُميـه، پيغمبر اسلام جو، بنو ھاشم سان تعلق ھئڻ ڪري، سخت مخالفت ڪئي جڏھن ته  ھاشمين مان ابولھب کانسواءِ سڀني پيغمبر اسلام جو ساٿ ڏنو. بنو اميـه مان عثمان بن عفان رضه پھريون شخص ھو جنهن رسول الله صه مٿان ايمان آندو باقي ٻيا اُموي رسول الله جا مخالف ئي رھيا. ڪجھ عرصي کانپوءِ ٻيا اُموي به اسلام ۾ داخل ٿيا. رسول الله صه بنو اميـه ۽ بنو ھاشم جي درميان ورھين کان ھلندڙ دوريون ميٽي ڇڏيون. بنو ھاشم ۽ بنو اميـه جي وچ ۾ ڪجهه عرصي جي لاء ڀائيچارو قائم ٿيو. پيغمبر اسلام صه، ابوبڪر صديق رضه ۽ عمر بن خطاب رضه تائين ٻنھي ڌرين ۾ ڀائيچارو قائم ئي رھيو.

نفرت جي آگ وري ان ويل دُکي جڏھن عمر ابن خطاب رضه جي وسال کانپوءِ خلافت جو تاج عثمان بن عفان رضه جي مٿان سجيو. بنو ھاشم سمجهيو پَئي ته رسول الله صه جا وارث ھاشِمي ئي آھن ۽ ھنن نه چاھيو ته ڪو اُموي، ھاشمي رسول جي دين جو امام ۽ حڪمران بڻجي.

انھي ڳالھـه ٻين ماڻھـن جي ذھنن تي به  اثر وڌا. عَجمين سوچيو ته عربن جي مقابلي ۾ اسلام جي فلاح توڙي ڦھلاءُ ۾ سندن ڪردار به عربن کان گھٽ ڪونھي سو عجمين کي به حڪومت جو حق ملڻ کپي. غير قريشين سمجهيو پئي ته اسلام لاءِ سندن قربانيون به آھن ته  پوءِ حڪومت فقط قريشي ڇو ڪن. پر ان وقت جيڪي ماڻهو دل سان اسلام ۾ داخل ڪونه ٿيا ھئا تن انھن ڳالھين جو فائدو وٺندي پنهنجي مفادن ۽ اسلام جي عروج کي ختم ڪرڻ لاءِ سازشون سٽڻ شروع ڪري ڇڏيون. عبد الله بن صبا (جيڪو فقط ظاھري طور تي يهودي مان مسلمان ٿيو ھو) ڏٺو ته مولا علي عليه السلام، رسول الله صه جو ويجهو رشتيدار آھي سو ھن سوچيو ته مولا علي عليه السلام جي نالي کي استعمال ڪري عثمان بن عفان رضه جي خلاف ڪم ڪيو وڃي ته ڪاميابي ملندي. سازشي گروھن عبد الله بن صبا جي اڳواڻي ۾ خليفـهءَ وقت خلاف پنهنجي مُھم تيز ڪري ڇڏي. ابن صبا جي مُھم کان متاثر ٿي محمد بن ابوبڪر صديق رضه ۽ محمد بن ابو حذيفـه رضه به سندس ٽولي ۾ شامل ٿيا.

سازشين خليفي تي پنهنجا نوازي، قرآني صحيفن کي سارائڻ، صحابه جي تذليل ۽ بدعتون اپنائڻ جھڙا سنگين الزام مڙھيا، حالانڪـه حقيقتون ان جي ابتڙ ھيون. وقت سان گڏ حالات خراب ٿيندا ويا، باغين جو اثر وڌي ويو. عثمان جي لاء مديني جي سرزمين تنگ ڪئي وئي، سندس گھر جو گھيراءُ ڪري کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي بند ڪيو ويو، تقريبن مھيني کانپوءِ کيس سفاڪيت ۽ بي درديءِ سان  شهيد ڪيو ويو. ھڪ اھڙي انسان کي قتل ڪيو ويو جيڪو طاقت ھوندي به پنهنجي مخالفن کي ڪُچلڻ جو قائل نه ھو. سندس قتل سان مسلمانن منجھان ايڪي ۽ ڀائيچاري جو خاتمو ٿيو. بنو اميـه جي دلين ۾ بدلي جي باھ دُکي اُٿي.

عثمان بن عفان رضه جي شھادت کان پوءِ مولا علي عليه السلام خليفو بڻيو ته اُموين جو مولا علي عليه السلام تي زور ھو ته عثمان بن عفان رضه جي قاتلن کي جلد سزا ڏي پر حالات ايترا سازگار نه  ھئا. مولا علي عليه السلام جو خيال ھو ته پھريان داخلي مسئلن جي ور چڙهيل خلافت کي مضبوط ڪجي پوءِ عثمان رضه جي قاتلن کان قصاص وٺجي.

جڏھن ته ٻئي طرف بنو اُميـه جي زبان تي اِنتقام اِنتقام جون صدائون ھيون. قصاص ۾ دير ٿيڻ ڪري بنو اُميـه وارن سمجهيو ته بنو ھاشم وارن جا ھٿ به قتل عثمان بن عفان ۾ رنڱيل آھن جو ان ڪري علي ابن ابوطالب عه قاتلن کي سزا ڏيڻ لاءِ سنجيدا ناھي. انھي غلط فھمي جي نتيجي ۾ مسلمانن جي وچ ۾ جنگ جمل ۽ جنگ صفين لڳيون. غلط فھمين ۽ منافقن جي چرچ تي لڳل ٻنھي جنگن ۾ ھزارين ماڻھو پنهنجي ئي ڀائرن ھٿان قتل ٿيا. قتل عثمان جا اثرات ھئا جيڪي انھن واقعن کانپوءِ به ظاھر ٿيڻا ھا. امير معاويـه جي وفات کانپوءِ يزيد بن معاويـه خلافت جو اعلان ڪيو. ڇاڪاڻ جو معاويه اڳ ئي خلافت کي شخصي وراثت سمجهي پنهنجي پٽ يزيد کي ولي عهد مقرر ڪري چڪو هو. اھل شام امير معاويـه جي حيات ۾ ئي بيعت ڪري چڪا ھئا. جڏهن ته مَڪي، مديني ۽ حجاز وارا يزيد کي ناپسند ڪندا هئا تنهن ڪري انهن بيعت ڪو نه ڪئي. حسين ابن علي عليه السلام سميت اسلام جا ٻيا وڏا اڪابر جهڙوڪ عبد الله ابن عمر فاروق رضه، عبدالرحمن ابن ابوبڪر صديق رضه ۽ عبد الله ابن زبير رضه امير معاويـه کي يزيد جي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪا ھئا. يزيد ڄاڻي پيو ته اگر حسين ابن علي بيعت ڪئي ته ٻيا پاڻ ئي بيعت ڪندا.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: 9 محرم الحرام: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ جلوس، سيڪيورٽي سخت

يزيد سڀني علايقن جي گورنرن ڏانهن خط لکيا ته سڀني کان سندس لاء بيعت ورتي وڃي. ھن مديني جي گورنر وليد بن عتبـه ڏانهن به خط لکيو ته ھر عام ۽ خاص کان سندس لاءِ بيعت وٺي پر سڀني کان پھريان حسين ابن علي عليه السلام، عبد الله ابن عمر رضه ۽ عبد الله ابن زبير رضه کان بيعت وٺي. وليد مديني جي اڳوڻي گورنر مروان بن حَڪم کي سڏرائي کيس يزيد جو خط ڏيکاري کائنس صلاح گُھري. مروان کيس مشورو ڏنو،” حسين بن علي عه، عبد الله بن عمر رضه ۽ عبد الله بن زبير رضه کي گھرائي کائنس بيعت وٺ ۽ اگر ھو انڪاري ٿين ته کين انھي ويل ئي قتل ڪرائي ڇڏ.“ وليد امام حسين کي گھرايو. کيس بيعت لاء چيو جنهن تي حسين ابن علي عه وراڻيو ته ھو لِڪي ڇُپي ڪري بيعت نٿو ڪري سگھي ۽ نه ئي سندس لاء ايئن  بيعت ڪرڻ مناسب آھي، انڪري پھريان اھل مدينـه کان بيعت ورتي وڃي. اھو فرمائي امام حسين عليه السلام واپس وڃڻ لڳا ته مروان بن حڪم وليد کي چيو ته حسين کي بغير بيعت جي واپس وڃڻ نه ڏي اگر امام حسين عليه السلام بيعت نٿو ڪري ته کيس قتل ڪري ڇڏي. وليد مروان جي ڳالهه نظر انداز ڪري ڇڏي.

امام حسين عليه السلام گورنر مدينه جي درٻار مان واپس ھليو ويو. مروان بَرھم ٿي ڪري وليد کي چيو ته وليد سندس ڳالهه نه  مَڃِي وڏي غلطي ڪئي آھي، حسين ابن علي عه کي قتل ڪرڻ جو ھي بھترين موقعو وڃائي ڇڏئي. جنهن تي وليد وراڻيو،”افسوس ! جو تون مونکي اھڙو مشورو ڏين ٿو جنهن ۾ منهنجي لاءِ ۽ منهنجي دين جي لاءِ بربادي آ، ڇا آءُ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي پياري نواسي کي ان ڳالهه لاءِ قتل ڪرڻ جو گناھِ عظيم ڪريان جو ھن يزيد ابن معاويه  جي بيعت نه ڪئي.“ مروان ظاھري طور تي کيس چيو ته ھن جي ڳالهه صحيع آ پر ھو دل ئي دل ۾ وليد جو دشمن بڻجي ويو. ڇاڪاڻ جو مروان جي دل بغضِ بنو هاشم ۽ بغضِ اهلبيت سان ڀريل هئي. ھوڏانھن ڪوفـي ۾ امام حسين عليه السلام جا حمايتي گھڻا ھئا. ڪُوفيَن کي جڏھن خبر پئي ته امام حسين عليه السلام يزيد جي بيعت ڪونه ڪئي ته ھنن امام حسين عليه السلام ڏانهن خط لکي ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪندي ڪوفي اچڻ جي دعوت ڏني.

ڪوفين ڪاغذ لکيو، وچ وجهي الله،

اسين تابع تنهنجا، تون اسان جو شاه،

هيڪر هيڏي آءُ ته تخت تابيني تنهنجي.

(شاه لطيف)

امام حسين عليه السلام، مسلم بن عقيل عه کي حالات جانچڻ ۽ بيعت وٺڻ لاءِ ڪوفي موڪليو. مسلم بن عقيل عه ڪوفي پهتو ته وڏي تعداد ۾ ڪُوفِي سندس استقبال لاءِ پهتا، هزارين ماڻهن بيعت ڪئي. ڪوفي جا حالات سازگار ڏسي امام حسين عه ڏانهن ڪوفي اچڻ لاءِ خط لکيو. جنهن کانپوءِ امام حسين عليه السلام ڪوفي وڃڻ جو پڪو پھـه ڪيو. امام حسين عه جا دوست، عزيز ۽ مائٽ ڪُوفيَن جي دَغابازي، مَڪارِي، بيوَفائي، موقعي پرستي ۽ مفادپرستي کان چنڱي ريت واقف ھئا. انڪري ھنن امام حسين عه کي ڪوفي نه وڃڻ جي صلاح ڏني. پر امام سڳورا ڪوفي وڃڻ جو عزم ڪري چڪا ھئا.

امام حسين عه پنهنجي آل، بيبين ۽ ٻارن کي ساڻ ڪري ڪوفي ڏانهن روانا ٿيا. ھوڏانھن يزيد ڪوفي جي گورنر نعمان بن بشير کي ھٽائي، عبيد الله بن زياد کي گورنر ڪوفـه مقرر ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ جو يزيد ڄاڻي رھيو ھو ته اگر اھلبيت تي ڪوئي ماڻهو سختيون ڪري سگهي ٿو سو ابن زياد ئي آھي. ابن زياد ڪوفين کي ڌمڪائي، ڊيڄاري ۽ لالچون ڏئي پاڻ سان ملائي ڇڏيو جڏھن ته  مُحِبانِ و شِيعانِ اھلِبيت کي گرفتار ڪري مٿن سختيون ڪرڻ لڳو. دوران سفر، صحاف نالي علائقي وٽ امام حسين عه جو مشھور شاعر فرزدق سان ملاقات ٿي. امام حسين  عه کائنس ڪُوفيَن بابت پڇيو. فرزدق وراڻيو ته ڪوفين جون دليون اوھان سان پر سندن تلوارون بنو اُميـه سان گڏ آھن. ھوڏانھن ابن زياد، مسلم بن عقيل عه کي شھيد ڪرائي ڇڏيو پر خطن مٿان خط لکندڙ ڪوفين ڪا مزاحمت نه ڪئي.

ڪوفين قَهر ڪيو، ٿيا جماعتي يزيد سين،

پليتن کي پِڙَ ۾، وَرِ نه وَرِ پيو،

سَڌر هونِ سِهو، شير شهادت رسيو.

(شاه لطيف)

زرود وٽ امام سڳورن کي ابن عقيل عه جي شھادت جي خبر پئي ته پاڻ هيٺ ويهي رهيا ۽ اکين منجهان لڙڪ لڙي پيا پر امام حسين عه قافلي جا سرواڻ هئا سو غم تي قابو ڪري ساٿين ۽ عزيزن کي صبر جي تلقين ڪندي همٿائيندا رهيا. ساٿين امام سڳورن کي عرض ڪيو ته ھينئر به وقت آھي جو واپس موٽي ھلجي ڇاڪاڻ جو ڪوفي ۾ اوھان (حسين عه) جو ڪوئي ساٿ ڏيڻ وارو ناھي، سڀ ماڻهو خوف ۽ لالچن ۾ اچي اوهان کان منهن موڙي چڪا آهن. تنھن تي امام سڳورا واپس وڃڻ لاء غور و فڪر ڪرڻ لڳا جو مسلم بن عقيل عه جي ڀائرن چيو ته اسين پنهنجي ڀاءِ جي قتل جو بدلو وٺڻ بغير واپس ناهيون ورڻا پوءِ ڀلي ڇو نه اسين به پنهنجي ڀاءُ جيان ماريا وڃون. امام حسين عليه السلام جو قافلو ڪوفي طرف وڌڻ لڳو.

رستي ۾ حُر بن يزيد ھزار فوجين سان نمودار ٿيو. کيس حڪم مليل ھو ته ھو امام حسين عه کي ابن زياد جي درٻار تائين پھچڻ کان سواءِ امام حسين عه جو پيڇو نه ڇڏي. 2 محرم تي حسين ابن علي عليه السلام جو قافلو ڪربلا جي ميدان تي پھتو. امام حسين ساٿين کي فرمايو ته ھي اسان جي قيام جي آخري جڳهه آھي ھتي خيما لڳايو.

ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيائون

جھيڙو يزيد سامهون جنبي جوڙيائون

منھن نه موڙيائون پسي تاءُ ترار جو

(لطيف سرڪار)

 3 محرم تي عمر بن سعد چار ھزار فوجين سان ڪربلا پھتو. جڏهن عمر بن سعد اهلبيت سان نرمي ڏيکاري رهيو هو ته ابن زياد عمر بن سعد ڏانهن خط لکيو ته حسين کي چئو ته ساٿين سميت پھريان يزيد بن معاويـه جي بيعت ڪري ۽ سندن تائين پاڻي جو قطرو به نه پھچڻ کپي جيئن عثمان بن عفان رضه کي پاڻيءَ کان محروم رکيو ويو ھو. سندس خط مان واضح آهي ته بنو اُميـه قتل عثمان جو ذميوار بنو ھاشم وارن کي ئي سمجهيو پئي جو جنهن ڳالهه سندن دلين ۾ بغض اهلبيت پيدا ڪري ڇڏي. عمر بن سعد، ابن زياد جي حڪم جي پيروي ڪندي مٿان پاڻي بند ڪري ڇڏيو.

ڪوفيِ ڪربلا ۾ پاڻي نه پيارينِ

اُتي عليء شاھ کي شھزادا سارين

نڪريو نھارينِ چڙھ مير محمد عربيِ

(شاه صاحب)

امام حسين عليه السلام عمر بن سعد سان ٽي شرطون رکيون جيڪي تاريخ جي ڪتابن ۾ ھن ريت آهن؛

(1)مون کي واپس اوڏانهن وڃڻ ڏنو وڃي جتان آء آيس.

(2) مونکي يزيد بن معاويه سان پنهنجو معاملو پاڻ سلجھائڻ ڏيو.

  (3) مونکي مسلمانن جي ڪنهن سرحد تي موڪليو جيئن جيڪو مسلمانن تي گذري ٿو تيئن مونتان به گذري.

عمر بن سعد خط لکي ٽئي شرطن بابت ابن زياد کي آگاھ ڪيو، ابن زياد خط پڙھي ڪنهن ھڪ شرط کي مڃڻ لاء راضي ٿي ويو. پر عين انھي وقت شمر ذي الجوشن مخالفت ڪئي. شمر بابت هڪ ڳالهه ذهن ۾ هئڻ کپي ته پهريان هي اصحاب علي مان هو ۽ سندس ڦُڦي فاطمه بنت حزام (اُم البنين) مولا علي عليه السلام جي گهرواري هئي ۽ مولا عباس بن علي عليه السلام، عبدالله بن علي عليه السلام، جعفر بن علي عليه السلام ۽ عثمان بن علي عليه السلام سندس ڦُفاٽ هئا. شمر عبيدالله بن زياد کي مولا حسين عليه السلام خلاف ڀڙڪايو.

ابن زياد شمر جي ڳالهين ۾ اچي عمر بن سعد ڏانهن شمر سان خط موڪليو جنهن ۾ ھن لکيو ته؛” حسين پاڻ کي اسان حوالي ڪري ڇڏي، اگر هو ايئن نه ٿو ڪري ته پوءِ ساڻس جنگ ڪريو. اي عمر بن سعد اگر تون منهنجي حڪمن تي ٺيڪ طرح سان عمل نه ڪيئي ته پوء شمر کي اختيار آهي ته ھو توکي هٽائي فوج جي قيادت پاڻ ئي ڪري“. 10 محرم جي رات امام حسين عليه السلام پنھنجي ساٿين کي گھرائي فرمايو ته؛” ھنن جي دشمني مونسان آھي، ھنن کي منھنجي جان گھرجي، هي منهنجي ئي رت جا پياسا آهن، توھان مان ھر ھڪ کي منھنجي اجازت آهي اگر ڪوئي وڃڻ چاھي ته وڃي سگھي ٿو.“ پر سندس سڀيئي ساٿي سندن مٿان قربان ٿيڻ لاء تيار ھئا.

آيا اُجارين تَنڪ تراريون تُئرا،

سانگيُون سائُن ھٿَ ۾ ڪُلھئُون نه لاھِين

اُڀائيِ آھيِن مُھائي مرَڻ تي

(لطيف سائين)

جيئن ته عباس بن علي، عبدالله بن علي، عثمان بن علي ۽ جعفر بن علي رشتي جي لحاظ سان شمر پليد جا ڦُفاٽ هئا سو ان ڪري شمر کين گهرائي چيو ته؛”مان اوهان لاءِ ابن زياد کان اوهان جي جان جي امان گهري آهي، جيڪر اوهان حسين عه جو ساٿ ڇڏيو ته اوهان جي جان بچي سگهي ٿي.“ تنهن ته مولا عباس وراڻيو ته؛” هيف هجي اي شمر تو تي جو تون اسان جي جان ته بچائڻ چاهين ٿو پر رسول الله جي پياري نواسي جي خون جو پياسو آهين.“ اهو چئي علي ابن ابوطالب جا چارئي پُٽ واپس پنهنجي ڀاء حسين عليه السلام سان گڏ بيٺا.

 10 محرم جو سج اڀريو ته حُر رح جو ضمير جاڳي پيو، اچي مولا حسين عه جي قدمن ۾ ڪري پيو، مولا حسين عه کان معافي ورتائين، مولا حسين عليه السلام کيس معاف ڪري ڇڏيو ۽ حُر مولا حسين عليه السلام جي لشڪر ۾ شامل ٿي ويو.

حُر ھلي آئيو مانجھي مردانو

آھيان عاشق اڳ جو پتنگ پروانو

من راضي ٿئي رسول نبي تو نانو

ھي سر سمانو گھوٽ متان ئي گھورِيان

(لطيف سرڪار)

 ڏھين محرم جي صبح جو عمر بن سعد پھل ڪندي حسيني امام حسين جي لشڪر مٿان تير ھلائيندي جنگ جو آغاز ڪيو. ڪوفي فوج جي ھزارين فوجين جي لشڪر سان حسيني فوج انتھائي گھٽ تعداد ھوندي به بھادري ۽ شجاعت سان وڙھندي رھي، حسين ابن علي عه جا جانثار وڙھندي وڙھندي شھادت جو جام پي رھي هئا. ايستائين جو حسيني لشڪر جا سڀ فوجي بشمول حُر، بنو ھاشم ۽ خاندان اھلبيت جي شھيد ٿي ويا. ھينئر ڪائنات جي ان ھستيء جي شھادت جو وقت اچي ويو جنهن لاء خود رسول اللہ صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو؛”حسين مون مان آھي ۽ مان حسين مان آھيان جيڪو حسين سان محبت ڪندو خدا ان سان محبت ڪندو.“ پر ڪوفين بنو اميـه کي خوش ڪرڻ ۽ يزيد کان انعام ملڻ جي لالچن ۾ اچي مٿن تيرن، تلوارن ۽ نيزي سان وار ڪري جنت جي سردار کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ ته ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛

چوڏِھِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛

ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛

تَنھِن سُورِهَ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي.

(لطيف سائين)

يزيدي فوج پوءِ بہ نہ مڙي ۽ مظلومان ڪربلا جي لاشن تي گھوڙا ڊوڙايا، حسيني لشڪر جي سڀني شھيدن جا ڌڙ منڍين کان ڌار ڪيا ويا، اھلبيت  جي خيمن کي باھيون ڏنيون ۽ حرم پاڪن جي بي حرمتي ڪندي کين معصوم ٻارڙن  ۽ بيبين سڳورين کي قيد ڪري گھيٽين ۾ گھمائيندي، سندن تذليل ڪندي يزيدي لشڪر درٻارِ ابن زياد وٺي ويا. شهداءِ ڪربلا جا سر مبارڪ ابن زياد اڳيان پيش ڪيا ويا جنهن تي ابن زياد يزيد بن معاويه جي سوڀ جو اعلان ڪيو پر تاريخ ثابت ڪيو ته فتح، يزيد جي نه بلڪه حسين عه جي ٿي هئي، فتح حق جي ٿي هئي.

حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛

گَھرِ ماڙُھين، جَھنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،

پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، ته لَڏِيو ھوتَ وَ‏ڃَنِ؛

اَلا! شَهزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي!

(شاه لطيف)

جڏهن حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي شهادتن جي دردناڪ خبر مديني پهتي ته هر طرف ڏک جي فضا ڇانئجي وئي، هر اک رت روئڻ لڳي. اهل مدينه جي دل ۾ يزيد خلاف انتقام جا شعلا ڀڙڪڻ لڳا ته ٻئي طرف اموين به اهلِبيت ۽ مُحِبان و شيعانِ اهلبيت تي ظلم ۽ جبر جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا. تڏهن قدرت جو انتقام هن طرح سان ظاهر ٿيو، جو چئن سالن جي اندر اندر يزيد ابن معاويه جو اقتدار ختم ٿي ويو. ابن زياد جي قيد مان عاشقِ اهلبيت مختار ثقفي رح آزاد ٿيو، جنهن شُهداءَ ڪربلا جي قاتلن کي چونڊي چونڊي جهنم واسل ڪيو.