برش نه ڪرڻ سان موت مار ڪينسر جو خطرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان باقاعدگي سان پنهنجا ڏند کي برش ڪندا آهيو؟ يا وري اوهان  جي ڳڻپ اهڙن ماڻهن ۾ ٿيندي آهي جيڪي سستيءَ سبب ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪم ڪندا آهن؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ اوهان لاءِ هڪ بري خبر آهي.

تازو ئي هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته ڏندن جي خراب صحت جيري جي موت مار بيماري ڪينسر جو خطرو 70 سيڪڙو وڌائي ٿي.

آئرلينڊ جي ڪوئنز يونيورسٽي بيلفاسٽ ۾ ڪيل ان تحقيق لاءِ لڳ ڀڳ 5 ماڻهن جي ڏندن جي صحت  جو جائزو ورتو ويو، ماهرن ڏندن جي خراب صحت جو واسطو هاضمي جي نظام ۾ شامل ڪجهه عضون جي ڪينسر مان حاصل ڪيو.

انهن عضون ۾ جيرو، وڏو آنڊو ۽ لبلبو شامل هو، تحقيق موجب ممڪن آهي ته ڏندن جي صفائي نه رکڻ سبب اتي واڌ ويجهه ڪندڙ جراثيم ان ڪينسر جو سبب بڻبا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ غير صحت مند ڏند ڪينسر جو واحد سبب ناهن، پر ان جو ڪينسر سان گھرو واسطو آهي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: ماحواتي گدلاڻ سبب ڪينسر جو شڪار ڀارتي عورت

ماهرن اهو به ڏٺو ته گھٽ ڀاڄيون، ميوا ۽ گھڻو جنڪ فوڊ ۽ غير صحتمند شيون کائيندڙ ماڻهن جي ڏندن جي صحت به خراب هئي.

ڊينٽسٽ تجويز ڪندا آهن ته ڏينهن ۾ 2 ڀيرا ڏند برش ڪرڻ (عام طور ي صبح جو اٿڻ کان پوءِ ۽ رات جو سمهڻ کان اڳ)، باقاعدگي سان مائوٿ واش استعمال ڪرڻ ۽ فلاش ڪرڻ سان ڏند ۽ مهارون صاف ۽ صحتمند رهنديون آهن.

You might also like