برساتن باوجود به پاڻي جي کوٽ ڇو..!!!

امتياز چانڊيو

هونئن ته سدائين سڄي سنڌ ۾ آبادگار فصلن لاءِ پاڻي ۽ شهري پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ٻاڪاريندا رهيا آهن، چار سالن کان وٺي ملڪ ۾ تمام گهٽ پيل برساتن ڪري سنڌو درياهه ۾ گهربل پاڻي نه اچڻ جي نتيجي ۾ ٿر ۽ ڪاڇي سميت ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙن شهرن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ رهي آهي، ٿر ۾ ته پاڻي جي ايتري کوٽ پيدا ٿيل هئي جو چار سالن کان جانور ۽ پکي تڙپي تڙپي پئي مئا ۽ زمينن مان واري پئي اڏامي، ڏڪار سبب رڳو رڃ هئي ۽ بک جي راڪاس پئي لامارا هنيا، اهڙي طرح جڏهن ڪاڇي ۾ چڪر لڳو ته اتي به حالت تمام گهڻي خراب هئي، کوهه سڪي ويا هئا، پاڻي لاءِ پياسي زمين بنجر بڻجي وئي هئي ۽ انسان پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ پري پري جا پنڌ ڪندا رهيا، جوهي سميت ڪاڇي جي فريد آباد ۽ ٻين علائقن ۾ فصل جو هڪ سلو به پيدا نه پئي ٿي سگهيو. اها حالت هئي هاڻوڪين پيل برساتن کان اڳ جي، پر هن سال سنڌ جي ماڻهن تي قدرت کي رحمت اچي ويو ۽ برسات جو ملائڪ به مهربان ٿيو جو ملڪ ۾ شديد برساتون ٿيون آهن،

سنڌ ۾ ايتري برسات وقفي وقفي سان ٿيندي رهي آهي جو جيڪي ماڻهو برساتن لاءِ پيا باسون باسيندا ۽ دعائون گهرندا هئا، اهي هاڻ ته اچي برساتن مان ڦاٿا آهن ۽ ڪڪر جڏهن آسمان تي اچن ٿا ته ماڻهن جو ڄڻ ساهه مٺ ۾ ٿو اچي وڃي، برسات ايتري جو شهرن مان هڪڙو برساتي پاڻي نيڪال ئي نٿو ٿئي ته وري آسمان تي کنوڻ جون تجليون ۽ جهڙ جي ٽڪرائڻ جا ڪڙڪاٽ ٻڌجن ٿا، طوفاني برسات شروع ٿئي ٿي ۽ برسات سٽيل شهر وري پاڻي سان ڀرجو ٿا وڃن، گهر ۽ گهٽيون پاڻي سان ڀرجڻ ڪري هڪ ٿي ٿا وڃن ۽ پوءِ ماڻهن جون مشڪلاتون ٿي ٿيون وڃن شروع.

اهڙي صورتحال ۾ جڏهن آچر واري ڏينهن تي ٿر ۾ طوفاني برسات جو زوردار وسڪارو ٿيو ۽ منهنجي مٺي شهر جي هڪ دوست سينيئر صحافي اعجاز بجير فيس بڪ تي هڪ پوسٽ ڇڏي ته “ٿر ۾ طوفاني برسات جو وسڪارو جاري، ماروئڙن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو” مون کي ان پوسٽ تي حيرانگي ٿي ڇو ته جن ماڻهن 4 سالن کان پئي ڪڪرن کي آسمان ۾ ڳوليو ته جيئن اهي وسن ۽ سندن ڏکن وارا ڏينهن ختم ٿين، فصل پيدا ٿئي، ڀٽون سايون ٿين، انسانن، جانورن ۽ پکين کي خوراڪ ملي سگهي، هاڻ جڏهن وسڪارو ٿئي ٿو ته ماروئڙن کي خوشي ٿيڻ بجاءِ سندن ساهه مٺ ۾ ٿو اچي وڃي.

پر هاڻي ڳالهه ڪندس هڪ اهڙي علائقي جي جنهن ۾ ايڏين وڏين برساتن جي باوجود وري به ڏڪار واري صورتحال آهي، ماڻهو وري به اڃ ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، فصلن لاءِ به پاڻي جو ڦڙو ناهي، مون ڏٺي پئي عوامي آواز اخبار ان ۾ دادو ضلعي جي تعلقي جوهي جي آبادگارن جي هڪ خبر لڳل هئي، جيڪي سراپا احتجاج بڻيل هئا ۽ سندن احتجاج پئي ٿيو پاڻي جي کوٽ خلاف، مون سوچيو پئي ته قدرت جي برسات واري ديوي ته سنڌ تي مهربان آهي پر شايد ايريگيشن کاتي وارا نااهل آهن، جيڪي سنڌو درياهه جي ڀرجي وهڻ جي باوجود به شاخن ۽ واهن جي پڇڙين تائين پاڻي پهچائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آهن، هڪڙي پاسي ماڻهو برسات ۽ پاڻي مان اچي بيزار ٿيا آهن ته ٻئي طرف پاڻي جي پهچ لاءِ ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، جن جي آواز کي موٽ نٿي ڏني وڃي.

آئون ته ننڍي هوندي کان ٻڌندو پيو اچان ته سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ ڪڏهن به سڌارو ناهي آيو، حڪمرانن جي نااهلي سبب هن کاتي کي ڪڏهن به ٺيڪ ناهي ڪيو ويو، آبپاشي کاتي ۾ هلندڙ ڪرپشن سبب به هي کاتو ڪڏهن پنهنجن پيرن تي بيهي ناهي سگهيو، واهن جي کاٽين ۾ ڪرپشن سبب واهن ۾ جڏهن پاڻي وڌي ٿو ته واهن جا ڪنارا ان جو دٻاءُ برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ کنڊ لڳي ٿا وڃن، جنهن دوران تمام وڏو نقصان غريب ماڻهن کي ئي ٿئي ٿو، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي آبپاشي کاتي تي ڪرڙي نظر رکي، ان ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ خاص اپاءَ وٺي ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن کان سخت پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته هاڻي جڏهن سنڌو درياهه ڀرجي پيو وهي، برساتن جو پاڻي به تمام گهڻو آهي ته ان جي باوجود جوهي ۽ اهڙن ڪيترن ئي شهرن جن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، انهن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي، جوهي جي رهواسين جي احتجاج جو سخت نوٽيس وٺي جوهي ۾ پاڻي پهچائي زمينن کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت آهي.

You might also like