برازيلين فٽبالر دنيلو راند دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت

براسيليا (ويب ڊيسڪ) برازيلين فٽ بال ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ 2 ڀيرا ورلڊ ڪپ کٽيندڙ رانديگر ڪافو جو پٽ دنيلو سائو فٽبالر راند کيڏندي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 30 ورهين جو برازيلين فٽبالر دنيلو سائو، پائولو جي  اتر اولهه علائقي الفا ول ۾ پنهنجي ڀيڻ جي سالگرهه جي موقعي تي فٽبال کيڏي رهيو هو جتي هن کي دل جو دورو پيو.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: مصباح الحق قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مقرر

دنيلو کي طور تي البرٽ آئينسٽائين اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ٽيون ڀيرو هارٽ ٽيڪ پوڻ سبب ميڊيڪل اسٽاف هن کي نه بچائي سگھيو.

رپورٽ موجب ڪيترن ئي فٽبال ڪلبس سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ڪافو کي تعزيتي پيغام موڪليا، جنهن هن جو پنهنجو ڪلب سائوپائولو به شامل هو.

 

You might also like